88

سڀاڻي بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ بدارن ڪو غيرجمهوري عمل ٿيو ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا:پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  چيو آهي ته  سڀاڻي بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ بدارن ڪو غيرجمهوري عمل ٿيو ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا، اسان تي فرض آهي ته آئيني بحران پيدا نه ڪريون، ٽڪراءُ جا خطرا پيدا نه ڪريون. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اميد ڪريون ٿا ته سڀاڻي بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي ۽ ڪو غيرجمهوري قدم نه کنيو ويندو. هن چيو ته  مارشل لا جي تاريخ پنهنجي جاءِ تي پر  بي اعتمادي رٿ هڪ جمهوري عمل آهي، جيڪڏهن جمهوري طريقي ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ٿي ته پوءِ بحران پيدا ٿيندو ۽ ايندڙ 20 سال پڻ ان ئي تڪراري طريقي ۾ گذرندا. هن چيو ته جيڪڏهن بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ نه ٿي ته اهو غير جمهوري عمل ٿيندو، اميد ڪريون ٿا ته ان معاملي ۾ حڪومت توهين عدالت نه ڪندي ۽ نه ئي اهڙو ڪو خطرو پيدا ڪندي، پر جيڪڏهن ڪير اهڙي ڳالهه سوچي رهيو آهي ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا. رڳو عمران خان جي انا جي ڪري پاڪستان جي قسمت کي خطري ۾ نٿا وجهي سگهون. اميد ڪريون ٿا ته سڀاڻي آچر واري ڏينهن بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي ۽ ڪو غيرجمهوري قدم نه کنيو ويندو، مارشل لا جي تاريخ پنهنجي جاءِ تي پر  بي اعتمادي رٿ هڪ جمهوري عمل آهي. ڪوشش آهي ته بي اعتمادي رٿ وارو عمل پر امن نموني ٿئي، ٽڪراءُ جا خطرا پيدا نه ڪريون. جيڪڏهن بي اعتمادي واري رٿ ۾ اسين ڪامياب ٿياسين ته پوءِ عمران خان سان جهيڙو به ختم ٿي ويندو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ويندي ويندي پرڏيهي پاليسي ۽ ادارن تي حملا ڪري انهن کي نقصان پهچائي رهيو آهي، وزيراعظم جي حيثيت سان اهڙا ڪم ڪرڻ سان ملڪ کي ئي نقصان ٿيندو آهي. پرڏيهي خط جي سازش جو  ڪوڙ هڻي عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان سان عوام کي ٽرڪ جي بتيءَ جي پٺيان لڳائڻ آهي جيڪو هڪ خطرناڪ عمل آهي. عمران جي ڪوڙن جو جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پهرين چيو هو ته مخالف ڌر بي اعتمادي رٿ آڻي اسان کي وڌو تحفو ڏنو آهي، پوءِ چيائين ته بي اعتمادي رٿ عالمي سازش آهي، پاڻ پهرين فيصلو ڪري ته سندس ڪهڙي ڳالهه صحيح آهي، تحفو  آهي يا سازش؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو