85

پرويز الاهي اڄ وڏو وزير ٿيندو، شهباز شريف ته گهر ويٺي ئي وزير اعظم ٿي ويو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پرويز الاهي اڄ وڏو وزير ٿيندو، شهباز شريف ته گهر ويٺي ئي وزير اعظم ٿي ويو آهي، وفاقي وزير حماد اظهر ۽ وزير اعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر شهباز گل سان ميڊيان سان ڳالهائيندي هن چيو ته  آچر ڏهاڙي گهڻن ماڻهن جا خواب چڪنا چور ٿي ويندا، ٻنهي پيءُ پٽن جون ِضمانتون رد ڪرائينداسين،  شهباز شريف کي خط ڏيکارڻ جي لاءِ گهرايو پر نه آيو، ان ڪري نه آيو ته کيس سازش جو پتو هيو، هن چيو ته رات جو ٽي غلام خواجه آصف، احسن اقبال ۽ شاهد خاقان عباسي پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا، انهن کي آمريڪا ڊرپ هنئي هئي،والد وزير اعظم ۽ پٽ وڏ وزارت جو اميدوار بڻجي ويا، عدالتن کي چونداسين ته انهن خلاف ڪارروائي ڪري، ان موقعي تي ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته شهباز شريف پنهنجي حڪومت جون وڏي فضيلتون ٻڌائي رهيو آهي، اسانجي حۡڪومت قطر کان سستو  ايل اين جي جو سودو ڪيو، جڏهن ته (ن) ليگ مهانگو معاهدو ڪيو هو، ان موقعي ڳالهائيندي شهباز گل چيو ته اڄ ٻارن جو وزير اعظم پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو، آچر ڏهاڙي شهباز شريف جو خواب چڪنا چور ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو