104

بقاءَ الله انڙ سنڌ جو قائم مقام چيف سيڪريٽري مقرر،سنڌ حڪومت 21 هين گريڊ جي سينيئر آفيسر ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي مقرر ڪيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 21هين گريڊ جي سينيئر آفيسر سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءَ الله انڙ کي سنڌ جو قائم مقام چيف سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه 60 سالن جي عمر ٿيڻ تي سرڪاري ملازمت تان 31 مارچ تي ريٽائرڊ ٿيو هو. بقاءَ الله انڙ ڪالهه پهرين اپريل تي قائم مقام چيف سيڪريٽري جو چارج سنڀاليو، جتي ساڻس سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي ۽ سيڪريٽري سروسز محمد سليم راجپوت ملاقات ڪري لاڳاپيل کاتن بابت بريفنگ ڏني. قائم مقام چيف سيڪريٽري بقاءَ الله انڙ پنهنجي آفيس ۾ عام ماڻهن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ هدايتون به جاري ڪيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو