ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار سروسز کاتي جي 14 ڪامورن کي گريڊ 21 ۽ 20 ۾ ترقي ڏئي ڇڏي آهي. ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن کي مٿئين گريڊ ۾ ترقي جو ايس اينڊ جي ڊي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي کي گريڊ 21 ۾ ترقي ڏني وئي آهي اهڙي طرح ايڪس پي سي ايس جي مخدوم شڪيل الزمان، امتياز شاهه، سعيد اعواڻ ۽ عبدالرحيم سومرو کي پڻ گريڊ 21 ۾ ترقي ڏني وئي. پي ايس ايس گروپ جي نثار شيخ، قطب الدين ھنڱورو ۽ نجم الدين سھتو کي گريڊ 20 ۾ ترقي ملي وئي. اهڙي طرح ايڪس پي سي ايس گروپ جي 6 ڪامورن کي گريڊ 20 ۾ ترقي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت گريڊ 20 ۾ ترقي ماڻيندڙن ۾ سيد احمد علي شاهه، قمر رضا بلوچ. سيد سجاد حيدر، سردار جمالي، صلاح الدين ميمڻ ۽ اختر قريشي شامل آهن. ياد رھي تھ ڪجھ ڏينھن اڳ وڏي وزير جي صدارت ھيٺ بورڊ ون جي اجلاس ۾ ڄاڻايل ڪامورن کي ترقي جي منظوري ڏني وئي ھئي ۽ ڪالھ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي .
113