رياض/اسلام آباد (م ڊ) سعودي عرب ۾ چنڊ نظر اچي ويو ، اڄ پهريون روزو ٿيندو، پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻ لاءِ اڄ اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب سعودي عرب جي شهر تمير ۽ حوطا سدير علائقي ۾ چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون آهن، جنهن کانپوءِ سرڪاري سطح تي چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل عرب امارات ۽آسٽريليا ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو، اڄ پهريون روزو ٿيندو، جڏهن ته ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي ۾ چنڊ نظر اچڻ جو ڪي به شاهديون نه مليون آهن، ان ڪري انهن ملڪن ۾ روزو 3 اپريل آچر ڏهاڙي ٿيندو، هوڏانهن طالبان حڪومت افغانستان ۾ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اڄ پهريون روزو رکيو ويندو. هوڏانهن پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو مرڪزي اجلاس اڄ پشاور ۾ ٿيندو، جنهن ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ بابت اعلان ڪيو ويندو.
115