اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مخالف ڌر ملڪ جي وزير اعظم کي بي اعتمادي واري رٿ جي ذريعي هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. وڏي تجسس کان پوءِ بي اعتمادي رٿ 174 ووٽن جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ُعمران خان وزيراعظم جي عهدي تان فارغ ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسد قيصر بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ بدران استعفا ڏئي ڇڏي آهي، ان جي جاءِ تي اسپيڪر واري ذميواري اياز صادق سنڀالي ورتي آهي. نئين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي. عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ڪيترن ئي ڏينهن کان نه پئي ڪرائي وئي، جنهن جو سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ٻه ڏينهن اڳ ئي بي اعتمادي واري رٿ تي 9 اپريل تي ڇنڇر ڏينهن ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن کان پوءِ ڇنڇر ڏينهن سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾صبح جو ڏهين وڳي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ته ڪيو ويو پر بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ نه ڪرائي وئي. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس مختلف وقتن تي اٽڪل چار ڀيرا ملتوي ٿيندو رهيو. اهو اجلاس سان رات دير تائين جاري رهيو ۽اسپيڪر اسد قيصر لاڳيتو ووٽنگ ڪرائڻ کان لنوائيندو رهيو. بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ نه ٿيڻ سبب صورتحال لاڳيتو مونجهاري جي ور چڙهندي رهي، فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ رات جو دير سان چيف جسٽس جي هدايت تي سپريم ڪورٽ کي پڻ کوليو ويو ، چيف جسٽس ۽ بينچ جا ٻيا جج پڻ عدالت ۾ پهچي ويا. ان دوران عمران خان پنهنجي ڪابينا سان مشاورت ڪري اسپيڪر تي ڪنهن به صورت ۾ ووٽنگ نه ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو، اسپيڪر اسد قيصر عمران خان سان ملاقات ڪري هدايتون وٺندو رهيو ۽ آخري ڀيرو هن يارهين وڳي کان پوءِ عمران خان سان ملاقات ڪري مشاورت ڪئي. عمران خان پنهنجي ڪابينا سان مشاورت ڪري اسپيڪر تي ڪنهن به صورت ۾ ووٽنگ نه ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو. عمران خان سان ملاقات کان پوءِ اسپيڪر اسد قيصر ووٽنگ نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي توهين عدالت کان بچڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ جي چيئرمئن شپ تان استعفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو . اسپيڪر اسد قيصر رات جو پوڻي ٻارهين وڳي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٻيهر شروع ڪري عمران خان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ بدران استعفا ڏيڻ جو اعلان ڪندي پنهنجي سيٽ چيئر پينل جي ميمبر اياز صادق حوالي ڪئي.اسپيڪر جي استعفا جي اعلان کان پوءِ پي ٽي آءِ جا سمورا ميمبر پڻ ايوان مان هليا ويا، اياز صادق اسپيڪر جي ڪرسي سنڀالي ايوان جي ڪارروائي هلائي ۽ وزيراعظم عمران خان جي خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ جي ڪارروائي شروع ڪئي. اسپيڪر اياز صادق سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب ڏنل وقت اندر ووٽنگ ڪرائڻ لاءِ ٻي تاريخ شر وع ٿيڻ کان اڳ ئي ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ اجلاس چئن منٽن لاءِ ملتوي ڪري پوءِ نئين تاريخ جو اجلاس شروع ڪري بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اسپيڪر اياز صادق رات جو هڪ وڳي بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ ۽ عمران خان جي عهدي تان هٽڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ کان ڦري ويل ڪنهن به ميمبر کي ووٽ ڏيڻ جي ضرورت ئي نه پئي. اهڙي ريت پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرومخالف ڌر وزير اعظم کي بي اعتمادي واري رٿ جي ذريعي هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي. نئين وزيراعظم لاءِ نامزدگي وارا ڪاغذ اڄ منجهند 2 وڳي تائين قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ٿيندا، چونڊ جو عمل سڀاڻي ٿيندو.
89