79

عمران خان، فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي ۽ قاسم سوري جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مبينا ڌمڪي واري خط جي جاچ ۽ وزير اعظم جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي درخواست 11 اپريل تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي اهي، رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله 11 اپريل تي شهري مولوي اقبال حيدر جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندو،  عدالت مبينا ڌمڪي واري خط جي جاچ ۽ وزير اعظم جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪندي،درخواست ۾ فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي، قاسم سوري ۽ اسد مجيد جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي پڻ درخواست ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گهرو سيڪريٽري کي وزير اعظم ۽ وزيرن جي خلاف مبينا خط بابت جاچ جو حڪم ڏنو وڃي، فيصلو ٿيڻ تائين نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو