اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي 125 ايم اين ايز پنهنجي قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تان استعفا ڏئي ڇڏي آهي ، پر پي ٽي آءِ جي باغي ميبمرن استعفا ڏيڻ بدران اسيمبليءَ ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. استعفائون ڏيڻ جو فيصلو عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ مشاورت کان پوءِ ڪيو ويو. ان اجلاس ڻ 122 ميمبرن شرڪت ڪئي. استعفائن جي تجويز عمران خان پاڻ ڏني ۽ ان تي پارٽي ميمبرن کان راءِ گهري. جنهن تي ڪيترن ئي ميمبرن استعفا ڏيڻ بدران اسيمبلي ۾ رهي مهاڏو اٽڪائڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته ڪيترن ئي ميمبرن عمران خان جي فيصلي تي ئي عمل جي پڪ ڏياري. استعفا نه ڏيڻ جي راٰءِ ڏيندڙن ۾ شاهه محمود قريشي، فيصل جاويد ۽ فخر امام پڻ شامل هئا، ان دوران عمران خان چيو ته مون استعفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي پوءِ ڀلي استعفا ڏيندڙ آئون اڪيلو ئي ڇو نه هجان. بحث کان پوءِ فيصلي جو اختيار عمران خان کي ئي ڏنو ويو. عمران خان مشاورت کان پوءِ استعفا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پارٽي جي اجلاس کان پوءِ شاهه محمود قريشي قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي پنهنجي پارٽي جي سمورن ميمبرن طرفان استعفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، سمورا ميمبر ايوان مان به هليا ويا. جنهن کان پوءِ ميبرن استعفائون ڏيڻ شروع ڪيون آخري اطلاعن تائين پارٽي جي چيف وهپ عمر ڊوگر وٽ 125 ميمبرن استعفائون جمع پڻ ڪرائي ڇڏيون . هوڏانهن پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪئي. پر پارٽي جي فيصلي کان پوءِ هڪ بيان ۾ انهن استعفا نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ راجا رياض چيو آته قيادت طرفان استعفا ڏيڻ جي اعلان جي آجيان ڪريون ٿا پر اسين استعفا نه ڏينداسين، جيڪي استعفا ڏيندا، انهن جي سيٽن تي ضمني چونڊ ٿيندي. هن چيو ته اسان جي گروپ ميمبرن طرفان استع فاجو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻي پاسي عمران خان پارٽي جي هڪ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اقتدار وڃڻ جو ڏک نه آهي پر پنهنجن جي دوکي جو ڏک ضرور آهي. هن چيو ته اسان اسيمبليءَ مان استعفا ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي اسين پارليامينٽ ۾ نه وينداسين، تحريڪ انصاف هاڻي عوامي سطح تي ملڪ ۾ نين چونڊن جي لاءِ دٻاءُ وجهندي. هن چيو ته اتحادي حڪومت ۾ رڳو بليڪ ميل ٿيندا رهياسين، اڳتي اتحادين سان گڏجي حڪومت نه ٺاهينداسين، هاڻي رڳو پارٽي جي وفادارن کي ئي ٽڪيٽ ڏئي ڪامياب ڪرائينداسين ۽ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ئي اينداسين ۽ اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي ايوان ۾ ويهنداسين.
82