راولپنڊي( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 79هين فارميشن ڪمانڊورز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي. ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي پيشوراڻي معاملن، قومي سلامتي جي آڏو آيل چئلينجز، روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي مُنهن ڏين لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏين لاءِ فارميشنز جي آپريشنل تيارين ۽ ردعمل جي طريقيڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم سرحدن جي حفاظت ۽ عوام جي حفاظت لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي عظيم قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني وئي فورم ڪجهه ماڻهن طرفان پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ، اداري ۽ معاشري وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي تازي پروپيگنڊا مهم جو نوٽيس ورتو ۽ ان مهم کي روڪڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فارميشن ڪمانڊرز جي اهم ترين اجلاس ۾ پاڪ فوج طرفان واضح پيغام ڏنو ويو ته اسان مهم هلائيندڙن تائين پهچي ويا آهن، فوج آئين ۽ قانون تي عمل ڪندي، ڪجهه به ٿئي فوج قومي سلامتي تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندي. پاڪستان جي قومي سلامتي سڀ کان مٿانهين آهي، پاڪ فوج قومي سلامتي جي حفاظت لاءِ سواءِ هميشه رياستي ادارن سان گڏ بيٺل رهي آهي ۽ اڳتي پڻ گڏ رهندي. فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس پوري فوج جو آواز آهي، فارميشن ڪمانڊرز آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جي عسڪري قيادت جي فيصلن تي ڀرپور ۽ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي ۽ هر طرح جي حالتن ۾ سڀني اندرين ۽ ٻاهرين خطرن خلاف پاڪستان جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياريءَ جو دفاع جاري رکندي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪ فوج پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، پاڪ فوج هر قسم جي حالتن ۾ اندرين توڙي ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيندي پاڪستان جو بچاءُ ڪندي.
85