اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم شهباز شريف اڱاري ڏينهن اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ جي جاري ٿيل بيان موجب وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي رهائش تي پڻ ويو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سردار اختر مينگل، ڊاڪٽر خالد مگسي، شاهه زين بگٽي ۽ اسلم ڀوتاڻي سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ايم ڪيو ايم پاران وسيم اختر، سيد امين الحق ۽ جاويد حفيظ شريڪ ٿيا. جڏهن ته وزيراعظم سان گڏ رانا ثناءُ الله، خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق ۽ مريم اورنگزيب ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. شهباز شريف وزيراعظم جي عهدي تي پنهنجي نامزدگي، حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ تعاون تي سڀني پارٽين جي اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان ڪابينا جي جوڙجڪ تي اهم مشاورت پڻ ڪئي. هن چيو ته اسان انهي جذبي ۽ گڏيل اعتماد سان اڳتي وڌنداسين جنهن جي ذريعي هن منزل تائين پهچڻو آهي. هن اتحادي پارٽين جي قائدين کي يقين ڏياريو ته اتحاد، مشاورت ۽ تعاون سان اڳتي وڌنداسين ۽ گڏجي مسئلا حل ۽ واعدا پورا ڪنداسين. ٻي پاسي هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ن ليگ جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو ته نئين ڪابينا ٺاهڻ بابت غور ۽ مشاورت هلندڙ آهي هڪ ٻن ڏينهن ۾فيصلو ٿي ويندو.
90