اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس ۾ آفيس جو وقت صبح 8 وڳي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پهرئين ڏينهن هو پاڻ صبح 7 وڳي آفيس پهچي ويو پر ان وقت وزيراعظم هائوس جو عملو ڊيوٽي تي نه پهتو هو .صبح جو سوير وزيراعظم شهباز شريف جي پهچڻ تي وزيراعظم هائوس جي عملي جون ڊوڙون لڳي ويون.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي آفيسن جو وقت صبح 8 وڳي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري توقير شاهه به پنهنجي عهدي جي چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي گهر ڀاتين سميت وزيراعظم هائوس ۾ منتقل ٿي ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف هفتي ۾ ٻن سرڪاري موڪلن مان هڪ موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي. ملڪ جي سرڪاري آفيسن ۾ گذريل ڳچ وقت کان ڇنڇر ۽ آچر تي ٻه ڏينهن موڪلون ٿي هيون جن مان وزيراعظم شهباز شريف جي حڪمن کان پوءِ هاڻي ڇنڇر واري موڪل ختم ڪئي وئي آهي ۽ رڳو آچر تي هڪ ڏينهن موڪل ٿيندي. گڏوگڏ وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پگهارن ۽ پينشن بابت ڪيل پنهنجي اعلانن تي ترت عمل جا حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن.پنهنجي عملي سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته سڀئي سندرا ٻڌي ڇڏين، عوام جي خدمت لاءِ اچي رهيا آهيون.
107