94

ڏکڻ وزير ستان ۾ ڪارروائي، 2 دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جي ميجر شجاعت حسين سميت 2 جوان شهيد

وانا (م ڊ) ڏکڻ وزير ستان ۾  ڪارروائي، 2 دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جي ميجر شجاعت حسين سميت 2 جوان شهيد ٿي ويا آهن، رپورٽ موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي  انگور اڏا ۾ دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ فائرنگ ٿي، ڏي وٺ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ٽوبا ٽيڪ سنگهه سان تعلق رکندڙ ميجر شجاعت حسين ۽ نصير آباد واسي جوان عمران خان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر  موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو  پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار  ڪيو آهي، هوڏانهن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وطن لاءِ قرباني ڏيندڙ جوانن تي فخر آهي، دهشتگردن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو