84

حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو، اسيمبلي جنگ جو ميدان، ڊپٽي اسپيڪر تي تشدد، چڪرين ۾ پرويز الاهي به زخمي

لاهور ( م ڊ ) پنجاب اسيمبليءَ ۾ 6 ڪلاڪن تائين ويڙهه کان پوءِ  ن ليگ جو اڳواڻ حمزه شهباز پنجاب جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو. جڏهن ته ق ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو وڏوزارت وارو اميدوار پرويز الاهي زخمي ٿيڻ کان پوءِ هارائي پڻ ويو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي استعفا کان پوءِ نئين وڏي وزير جي چونڊ جو عمل ڪيترن ئي ڏينهن کان رولڙي ۾ پيل هو. ڇنچر ڏينهن ان جي چونڊ لاءِ اجلاس شروع ٿيو ته ايوان ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي ويڙهه ٿي پئي. ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس دير سان شروع ٿيو، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس تي لوٽا رکي ڇڏيا. ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي ڪرسي تي ويهندي ئي تحريڪ انصاف جي ميمبر عورتن ان ڏانهن لوٽا اڇلايا. حڪومتي ميمبرن اسپيڪر واري ڊائس تي قبضو ڪري ”جيڪو عليم خان جو يار آ غدار آ غدار آ“ جا نعرا هنيا، ڪجهه ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري تي حملو ڪري ڏنو، کيس وارن مان جهلي ٿڦڙ هنيا.ان دوران مخالف ڌر جا ميمبر پڻ اتي پهچي ويا جيڪي ڊپٽي اسپيڪر کي بچائڻ سان گڏ پي ٽي آءِ جي ميمبرن سان  پڻ اٽڪي پيا ۽ ايوان ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي. ان دوران حڪومتي ڌر جو وڏ وزارت لاءِ اميدوار ق ليگ جو اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي انهن جي وچ ۾ پيو ته اهو پڻ زخمي ٿي پيو. ان جي ٻانهن ڀڄي پئي. ان دوران سيڪيورٽي اهلڪار ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري کي بچائي چيمبر ۾ وٺي ويا. جڏهن ته چوڌري پرويز الاهي کي پڻ ايوان مان ٻاهر نيو ويو ٿوري دير کان پوءِ اهو ٻانهن تي پٽو ٻڌل حالت ۾ ميڊيا آڏو ظاهر ٿيو. ويڙهه دوران ايوان جي ڪارروائي روڪي وئي،  آءِ جي پنجاب پوليس ڪمانڊوز سان گڏ ايوان ۾ پهچي ويو . جنهن تي حڪومتي ڌر جي ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ پوليس کي ٻاهر ڪڍائي ڇڏيو. جڏهن ته ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ڊپٽي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي مڪمل ڪرائڻ ۽ وڏي وزير جي چونڊ ڪرائڻ لاءِ  لاءِ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کان مدد گهري ورتي. جنهن تي ٻيهر  ايس پي جي اڳواڻي ۾ اينٽي رائٽ فورس ايوان ۾ داخل ٿي اسپيڪر ڊائيس کي گهيرو ڪري ورتو ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي ڏس تي  کيس مارڪٽ ڪندڙ پي ٽي آءِ جا 3 ايم پي اي گرفتار ڪري ورتا. 5 ڪلاڪن کان پوءِ ٻيهر پوليس جي پهري هيٺ ايوان جي ڪارروائي شروع ڪري پنجاب جي نئين وڏي وزير جي چونڊ جو عمل شروع ڪيو ويو، ڊپٽي اسپيڪر آفيشل باڪس مان اجلاس جي صدارت ڪندو رهيو. وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽنگ شروع ٿيندي ئي پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ق جا ايم پي ايز احتجاج طور بائيڪاٽ ڪري هليا ويا. اهڙي ريت ن ليگ جو اميدوار حمزه شهباز 197 ووٽ حاصل ڪري پنجاب جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو. ان جي مقابلي ۾ بيٺل ق ليگ جي اميدوار چوڌري پرويز الاهي کي هڪ به ووٽ نه پيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو