94

منهنجو خيال آهي في الحال پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾شامل نه پئي ٿئي: آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.  اهڙو اشارو صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڏنو. هو قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايوان پهتو، جتي صحافي کانئس سوال ڪيو ته ڇا پ پ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندي؟ جنهن تي جواب ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته منهنجو خيال آهي في الحال پارٽي شامل نه پئي ٿئي. ان سوال تي صحافي چيو ته توهان سڄو بار شهباز شريف تي وجهڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته اسان جي خواهش آهي ته اڳ ۾ ٻين دوستن کي موقعو ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو