99

اسين پلاند نه وٺنداسين قانون پاڻ ڪارروائي ڪندو:پنجاب جو نئون چونڊيل وزيراعليٰ حمزه شهباز

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير  حمزه شهباز چيو آهي ته اسين پلاند نه وٺنداسين پر  قانون پاڻ ئي پنهنجو رستو وٺي ڪارروائي ڪندو. پنجاب اسمبليءَ ۾ وڏي وزير طور پنهنجي پهرئين خطاب ۾ هن وڌيڪ چيو ته ا؛ان ته رڳو توشا خاني جو حساب گهريو آهي، جڏهن هنن جي جهڙتي جو وارو آيو آهي ته چون ٿا سفارتي لاڳاپا خراب ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته اتحادين جي مدد سان پنجاب اسيمبليءَ جو نئون اسپيڪر آڻينداسين. اڄ جمهوريت جي سوڀ ٿي آهي. هن چيو ته اسين عوام ۽ حڪومت وچ ۾ ويڇا ختم ڪنداسين، سٺا بيورو ڪريٽ ۽ پوليس آفيسر آڻينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو