107

راجا پرويز اشرف قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر طور قسم کڻي ورتو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ کان پوءِ ڇنڇر ڏينهن  قسم پڻ کڻي ورتو. سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان سندس عهدي جو حلف ورتو. جنهن کان پوءِ هن اسپيڪر واري سنڀالي ايوان جي ڪارروائي هلائي. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ واڌ ڪرڻ منهنجي سڀ کان پهرين ترجيح آهي. اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي، اسان کي هڪ اهڙو سياسي معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي مڪالمي کي فروغ ڏنو وڃي، نفرت کي نه، سمورن ادارن کي پنهنجي دائري ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ گهرجي. راجا پرويز اشرف چيو ته هو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي باوقار عهدي تي فائز ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان، ان عهدي تي بنا مقابلي چونڊجڻ تي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قائد ايوان ميان محمد شهباز شريف ۽ ٻين سمورن پارلياماني اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا دل سان ٿورا مڃان ٿو، وطن عزيز پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي جي سال ۾ بطور اسپيڪر منهنجي چونڊ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي. هن چيو ته بطور ڪسٽوڊين آف هائوس ميمبرن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي. جنهن منصب جي لاءِ هن معزز ايوان منهنجي بنا مقابلي چونڊ ڪئي آهي ان منصب تي سڀ کان اڳ قائداعظم محمد علي جناح کي بنا مقابلي پنهنجو پهريون سربراهه چونڊيو هو، هي ايوان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪسٽوڊين آف هائوس طور چونڊ ڪري چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو