105

بينظيرآباد ضلعي جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن ۾ آفر آرڊر ورهايا ويا، شاندار تقريب

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، پيپلزپارٽي ايم پي اي علي حسن زرداري، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو نوابشاھ  ۾ آءِ بي اي سکر ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن ۾ پرائمري ٽيچر جا آفر آرڊر ورھايا ۽ کين  مبارڪون ڏنيون، تقريب ۾  پيپلزپارٽي  ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، نور نواز زرداري، چوڌري جاويد اقبال آرائين، ڊپٽي ڪمشنر  عامر حسين پنهور ۽ ٻيا  پ پ عهديدار عھدیدار شريڪ هئا، ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽  ايم پي اي علي حسن زرداري چيو ته پ پ سدائين ميرٽ تي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي،  پاڪستان پیپلز پارٽي کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته پ پ نوجوانن  کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا آهن،  غريب عوام لاء اهڙيون ڪوششون جاري رهنديون، ان موقعي تي  نوڪرين جا آرڊر حاصل ڪندڙ نوجوانن “سوڀ” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي روزگار ڏيارڻ ۾ پ پ جو ڪردار ساراهه ۽ واکاڻ جوڳو آهي، اسين پ پ قيادت جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي روزگار ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو