125

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قاسم سوري جي استعيفيٰ سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي آفيس کي ملي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته عهدي تان استعيفيٰ پارٽي وزن موجب ڏني، استعيفيٰ پارٽي جي جمهوريت سان ان وابستگي جي علامت آهي، قاسم سوري پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته پاڪستان جي خود مختياري ۽ سلامتي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين، ملڪ جي آزادي جي تحفظ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو