122

ايڌي فائونڊيشن جي چيئرپرسن بلقيس ايڌي جي جنازي نماز، وڏو وزير ۽ ٻيا شريڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سماجي ڪارڪن ۽ لکين ٻارن جي ماءُ ايڌي فائونڊيشن جي چيئرپرسن بلقيس ايڌي جي جنازي نماز ميمڻ مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پ پ اڳواڻ وقار مهدي، خاص معاون پير نور الله قريشي، منظور وساڻ، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، سنڌ پوليس پاران خراج عقيدت پيش ڪي وويو، جنهن بعد سرڪاري اعزاز سان مرحومه جي مڙهه کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي سنڌ حڪومت پاران هڪ ڏينهن سوڳ ملهايو ويو، ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بلقيس ايڌي جي انسانيت لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو