111

عادلپور ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل ٿي ويو، 2 مرڻينگ

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي جي لال پير ويجهو جهيڙو نوجوان مارجي ويو پيءُ ۽ ڀاءُ سميت 3 زخمي ٿي پيا ، واقعو گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو ،خبر موجب  گهوٽڪي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لعل پير ٻيلي ۾ سرڪاري زمين جي معاملي تان بلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو  ٿي پيو گوليون لڳڻ  جي نتيجي ۾ 27 سالا نوجوان اسد علي بلو موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن تہ امجد ۽ ارشد بلو سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جي لاش ۽ زخمين کي تعلقا اسپتال گهوٽڪي کڻائي آئي ،  پوليس موجب ته ڌرين ۾ سرڪاري زمين تان تڪرار هلندڙ ھو جڏهن ته شعبان بلو جي ڌر پاران ٻي ڌر مٿان هٿيارن سان حملو ڪيو آھي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪيون پيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو