97

ڪراچي ۾ حج جي نالي تي فراڊ ڪندڙ جوابدار چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي (بيورو رپورٽ) جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت حج ڪرائڻ جي نالي تي فراڊ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيل جوابدار غلام الدين اشرفي کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪندي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ايف آءِ اي پاران ڄاڻايل جوابدار کي پيش ڪري رمانڊ طلب ڪرڻ تي ڏنو. ڪالهه ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر ڄاڻايل جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪندي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي تنهن ڪري سندس جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. عدالت ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪندي جوابدار کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته طاهر نالي شهري وزيراعظم پورٽل تي شڪايت ڪئي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو هو ته 2019ع ۾ اسان حج ڪرڻ لاءِ جوابدار سان ڳالهايو هو جوابدار اسان کان رقم وٺي ڇڏي پر حج جو وقت ختم ٿي ويو ۽ جوابدار اسان کي سعوديه نه وٺي ويو. جوابدار اسان کي صرف هڪ لک رپيا واپس ڪيا جنهن کان پوءِ هو رهيل رقم واپس نه ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجو فون به بند ڪري ڇڏيو اٿس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو