ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ڪي ڊي اي جي ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ حڪومت کان 9 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڪي ڊي اي جي برطرف ڪيل يوسف، امير وقاص سميت 6 ملازمن پاران برطرفي خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪي ڊي اي ڄاڻايل ملازمن کي بحال ڪرڻ تان هٿ مٿي ڪري ڇڏيا. ڪي ڊي اي پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ملازمن کي بحال ڪرڻ کان پوءِ پگهار سنڌ حڪومت کي جاري ڪرڻي پوندي جڏهن ته سنڌ حڪومت وٽ ملازمن کي پگهار جاري ڪرڻ لاءِ بجيٽ ئي ناهي. ڪي ڊي اي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪي ڊي اي جي ملازمن پگهار جاري ڪرڻ جو يقين ڏياري ته انهن کي بحال ڪرڻ ۾ ڪو به اعتراض ناهي جنهن تي عدالت سنڌ حڪومت کي 9 مئي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
97