79

نواز شريف سان گڏجي ادارن جي تڪراري ڪردار کي آئيني ڪردار ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو

لنڊن ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن بلاول ڀٽو چيو آهي ته نواز شريف سان گڏجي ادارن جي تڪراري ڪردار کي آئيني ڪردار ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. اهڙو اظهار هن لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي سربراهه اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات کان پوءِ ساڻس ئي گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو . بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اڄ به صورتحال ساڳي آهي، جيڪا 2007ع يا ان کان اڳ هئي، جڏهن عدليه، پارليامينٽ، اسٽيبلشمينٽ سميت ملڪ جا سمورا ادارا تڪراري ٿي ويا هئا۽ اسان جدوجهد ڪري سمورن ادارن کي انهن جي تڪراري حيثيت مان ڪڍي آئيني حيثيت ۾ بحال ڪرايو. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ تاريخي موقعو آهي ته هو گڏجي ڪم ڪن ته جيئن سمورن ادارن کي انهن جي تڪراري حيثيت مان ڪڍي انهن جي آئيني ۽ قانوني حيثيت ۾ بحال ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جا سمورا ادارا آئيني ۽ قانوني حدن اندر رهي پنهنجا فرض سرانجام ڏين. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان جي حڪومت جي خلاف ڪا به پرڏيهي يا وائيٽ هائوس جي نه سازش پر جمهوري ۽ بلاول هائوس جي ئي سازش هئي. هڪ غير جمهوري شخص کي ملڪ تي مڙهيو ويو هو، پر اسان ان جي خلاف به ڪو غير جمهوري قدم نه کنيو.  اسان عدليه سميت ڪنهن به اداري کي ان ۾ ملوث نه ڪيو. اسان بي اعتمادي واري آئيني طريقي سان هڪ وزيراعظم کي شڪست ڏني، غير جمهوري شخص کي جمهوري طريقي سان هٽايوسين، ٽن سالن ۾ اسان گڏجي هن سيليڪٽڊ حڪومت کي هٽايو. اسان جيڪا ڪاميابي ماڻي آهي ان سان هڪ نئين تاريخ لکي آهي.پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ماضي ۾ پڻ گڏجي تاريخ لکي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عمران خان ملڪ ۾ غنڊا گردي ۽ بداخلاقي جو ڪلچر پيدا ڪيو، هن قوم کي عمران خان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ضروري هو. پاڪستان ۾ هاڻوڪن پوڻن چئن سالن جو وقت ملڪ جي پوري تاريخ جو سڀ کان خراب گذريو آهي. مون سياست ۾ ڪڏهن اهڙو ماحول نه ڏٺو آهي، اسان جي دور ۾ ترقي پنهنجي عروج تي هئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معيشت کي هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ سولو نه آهي. ملڪ جي معيشت کي بحال ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هڪ وڏي چئلينج کي منهن ڏئي ملڪ کي ڪُن مان ڪڍڻو آهي، پاڪستان جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو پورائو ڪرڻو آهي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو. بلاول ڀٽو جو ٿورائتو آهيان جو هو مون وٽ هلي آيو آهي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ اسٽين هوپ هائوس ۾ نواز شريف جي پٽ جي آفيس پهتو. بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف کي بي اعتمادي رٿ سميت وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڪاميابي تي مبارڪ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سياسي معاملن ۾ اتفاق راءِ سان گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بلاول ڀٽو سان شيري رحمان، نويد قمر ۽ قمر زمان ڪائرا به گڏ هئا. نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي ملاقات جو ٻيو دور اڄ پڻ ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو