89

صدر عارف علوي آئيني ذميواري پوري ڪري يا عهدو ڇڏي ڏي، ميهڙ لڳ باهه جي واقعي تي حڪومت ردعمل ۾ دير ڪئي: مراد علي شاهه

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صدر عارف علوي آئيني ذميواري پوري ڪري يا عهدو ڇڏي ڏي، ميهڙ  لڳ باهه جي واقعي تي حڪومت ردعمل ۾ دير ڪئي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته  گذريل حڪومت جون سڀ دعوائون غلط هيون، هاڻ تجربي ڪار ٽيم آئي آهي اها ڏسندي، حڪومت جو ڏيڍ سال رهجي ويو آهي، اهي ساڍن ٽن سالن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيا، اسان کي ڏيڍ سال ۾ پنجن سالن جو ڪم ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي حڪومت نااهلي ۽ نالائقي سبب وئي آهي، عمران خان مسلسل ناڪام ٿي رهيو آهي، هاڻ ان جو بيانيو نه هلندو، سئو سئو رپيا چندو گڏ ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ چارٽر جهاز ۾ ٿو اچي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته صدر عارف علوي جو ڪم آئين جي پاسداري آهي، وٽس ٻه آپشن آهن، يا آئيني ذميواري پوري ڪري يا عهدو ڇڏي ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ميهڙ لڳ باهه واري واقعي بابت 7 ڏينهن ۾ جانچ مڪمل ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي اٿم، ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي، جن جا گهر سڙيا آهن، انهن کي گهر ٺاهي ڏينداسين، سڄي نقصان جو ازالو ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بجلي بحران جي حل لاءِ ميٽنگز ٿيون آهن، 6 کان 7 هزار ميگا واٽ بجلي ان ڪري نه پئي ٺاهي وڃي ته پاور پلانٽن کي فيول ناهي ملي، سڄي سنڌ ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، هڪ پاور پلانٽ جيڪو ميرٽ آرڊر ۾ سڀ کان مٿي آهي ۽ سستي بجلي ڏيندو آهي، اهو پلانٽ سستي بجلي ڏيندو آهي، جنهن کان ڪي اليڪٽرڪ بجلي وٺندي آهي. ٻي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري سنڌ جي اهم مسئلن جي حل بابت ڳالهيون ڪيون. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته رمضان  المبارڪ دوران عوام کي ڏنل ريليف پئڪيج تي عمل ڪيو  وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف ڏيڻ آهي. هن چيو ته عوامي ريليف جي لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو