اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ اي سي ايل ٻيهر ٺاهي رهيا آهيون، جن معاشي دهشتگردي ڪئي انهن کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته معاشي دهشتگرد قومي ڏوهاري آهن، انهن کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، اي سي ايل لسٽ ٻيهر ٺاهي رهيا آهيون، سندس چوڻ هو ته عمران نيازي کي پنهنجي نااهلي ۽ لٽ مار تي عوام کان باجماعت معافي وٺڻ گهرجي، عمران نيازي سياست جي ميدان مان ڀڄي ويو آهي، کيس سياسي مقابلي بعد ئي بي اعتمادي تي ٻاهر ڪيو ويو.
