اسلام آباد (م ڊ) نيپرا چيئرمين جي گهرواري به بجلي نه هئڻ ڪري پريشان ٿي وئي، بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي لائسنس جي تجدد ٿيڻ واري ٻڌڻي ۾ چيئرمين نيپرا اسلام اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جي سي اي او کي چيو تهگهرواري چيو ته توهان چيئرمين نيپرا آهيون، ڪالهه بجلي 8 ڀيرا وئي آهي، جيڪڏهن توهان جو حال اهو آهي ته باقي ڇا ٿيندو هوندو، رات منهنجي هوندي بجلي 2 ڀيرا وئي، ماڻهو بل ڏين ٿا انهن کي بجلي ڏيو.
99