94

ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 7 هزار هڪ سئو ميگاواٽ ٿي ويو، 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري

اسلام آباد(م ڊ)  ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 7 هزار هڪ سئو ميگاواٽ ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي، پاور ڊويزن جي ذريعن موجب بجلي جي پيداواري 14 هزار 4 سو ميگاواٽ آهي، مجموعي گهرج 21 هزار 2 سئو ميگاواٽ آهي،  وڌيڪ لاسز وارن علائقن ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ به جاري رهي آهي، تربيلا ڊيم گذريل 60 ڏينهن کان خالي آهي، اتي ٽي ٿري ۽ ٽي فور منصوبن تي تعميراتي ڪم جي ڪري پاڻي ذخيرو نه پيو ڪيو وڃي، صرف 6 سئو ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، منگلاڊيم ۾ به پاڻي ذخيرو نه هئڻ برابر آهي، سرڪاري ٿرمل پاور پلانٽس جي پيداواري صلاحيت 4 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ آهي، ان مان ٻه هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ڪيترائي سرڪاري بجلي گهر فني خرابي سبب اڃا تائين بند پيل آهن، پن بجلي ذريعن کان 9 سئو ميگاواٽ بجلي پيدا رهي آهي، نجي شعبن جي بجلي گهر فرنس آئل، ڪوئلا ۽ ايل اين جي نه ملڻ ڪري بند پيل آهن، آءِ پي پيز جي پيداوار 11 هزار 5 سئو ميگاواٽ آهي، بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي ٽيڪنيڪي مسئلن سبب 2 هزار ميگاواٽ پيدا ٿيندڙ بجلي ضايع ٿي رهي آهي، جنهن سان معيشت کي روزانو 3 ارب نقصان ٿي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو