106

فريدآباد باهه واقعو: سنڌ حڪومت پاران متاثرن ۾ 46 لک رپين جا چيڪ تقسيم، راشن جي فراهمي

فريدآباد/ميهڙ (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران گذريل ڏينهن ميھڙ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهه واقعي ۾ فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙن جي وارثن کي 5-5 لک ۽ زخمين کي 2-2 لک معاوضو ڏيڻ واري اعلان کي 24 ڪلاڪن اندر پورو ڪيو ويو, عشر و زڪوات ۽ مذھبي معاملن جي صوبائي وزير فياض علي ٻٽ پاران ميهڙ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهچي باھ واقعي ۾ فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙن جي وارثن کي 5-5 لک ۽ زخمين کي 2-2 لک روپين جا چيڪ ڏنا ويا. ان موقعي تي صوبائي وزير فياض علي ٻٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ سرڪار سدائين غريب مسڪين بيپهچ ماڻھن جي حقيقي نموني سان نمائندگي ڪري سهارو بڻي آھي جڏھن ته گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران باھ متاثرين وٽ ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهچي فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙن جي وارثن کي 5-5 لک ۽ زخمي ٿيل ڳوٺاڻن کي 2-2 لک معاوضو ڏيڻ سميت متاثرين جي مڪمل بحالي واري اعلان کي اڄ عملي جامو پهرائي متاثر ڳوٺاڻن کي مجموعي طور تي 46 لک روپين جا چيڪ ڏنا ويا آھن، صوبائي وزير فياض علي ٻٽ وڌيڪ چيو ته ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ گهرن کي لڳل باھ هڪ قدرتي آفت هئي جنهن ۾ ڪافي جانين جو نقصان ٿيو آھي، جڏھن ته جانين کان مٿي ڪا به رقم نه آھي پر پ پ سرڪار طرفان باھ متاثرين کي ڪجهھ معاوضو ڏيئي کين ٿوري مدد ڪئي ويئي آھي، کين پيش آيل هن ڏک جي گهڙي ۾ سندن خاندان سان برابر جا شريڪ آھيون. جڏھن ته باھ متاثرين لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ پاران گهر ٺهرائي ڏيڻ، مري ويل جانور جو سرڪاري سطح تي مقرر ٿيل معاوضي سميت سموران ڪيل اعلان ۽ واعدا جلد پورا ڪيا ويندا ان موقعي تي پ پ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري, ڊي سي دادو سميع الله شيخ, پ پ اڳواڻ سردار غلام دستگير ڳورڙ, ڊاڪٽر محراب لاکير, ايڊووڪيٽ امجد علي ٻلهڙو ۽ ٻيا پڻ گڏ ھئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو