110

استادن جي تربيت لاءِ موجود 3 ادارا اسٽيڊا ۾ ضم ۽ لائسنس ڏيڻ لاءِ مخصوص امتحان وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار طرفان استادن جي تربيت لاءِ موجود ٽن ادارن اسٽيڊا، پائيٽ ۽ ٽي ٽي آءِ کي هڪ ئي اداري اسٽيڊا ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو، ٽيچنگ لائيسنس لاءِ صرف پروفيشنل ڊگري رکندڙ اميدوار ئي اهل هوندا ۽ لائسنس يافته ٽيچر رڪروٽمنٽ کانپوءِ ڊائريڪٽ 16هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيندو، اڳ ۾ موجود استادن کي به آئنده پروموشنز لاءِ پروفيشنل ڊگري ۽ تربيتي سرٽيفڪيٽس لازمي حاصل ڪرڻا پوندا، ترميمن جو مسودو سنڌ ڪابينا ۽ اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي ۾ استادن جي تعليم، تربيت ۽ لائسنسنگ لاءِ ٺهيل مخصوص ادارن اسٽيڊا، پائيٽ ۽ ٽيچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ سڌارن لاءِ ري اسٽريڪچرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪميٽي پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري، سيڪريٽري ڪاليجز خالد حيدر شاهه، حيدرآباد بورڊ جي ڊاڪٽر محمد ميمڻ، آغا خان بورڊ جي ڊاڪٽر ساجد علي ۽ ڊاڪٽر فريد پنجواڻي ۽ شهزاد جيوا، زندگي ٽرسٽ جي شهزاد راءِ، دوربين جي سلميٰ عالم، ضياءَ الدين يونيورسٽي جي راعنه حسين، اسٽيڊا جي هارون لغاري، ڊاڪٽر فوزيه خان ۽ ٻين ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن استادن جي ٽريننگ ۽ لائسنسنگ لاءِ ٺهيل ادارن ۾ سڌارن بابت تجويزون پيش ڪيون ويون. ڊاڪٽر محمد ميمڻ، شهزاد راءِ، سلميٰ عالم ۽ ساجد علي پنهنجا اصلاحي ماڊلز پيش ڪيا، جن تي تفصيلي بحث کان پوءِ فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته کاتي ۾ هڪ ئي ڪم لاءِ ٺهيل 3-3 ادارا، سنڌ ٽيچرس ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي (اسٽيڊا)، پرونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن (پائيٽ) ۽ ٽيچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (ٽي ٽي آءِ) کي هڪ ئي اداري اسٽيڊا ۾ ضم ڪيو ويندو، جنهن لاءِ ڊرافٽ کي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته استادن کي لائسنس ڏيڻ لاءِ هڪ مخصوص امتحان ورتو ويندو، جنهن لاءِ صرف پروفيشنل ڊگري هولڊرز اميدوار ئي اهل هوندا ۽ انهن لائسنس يافته ٽيچر رڪروٽمنٽ کان پوءِ ڊائريڪٽ 16هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو ويندو جنهن لاءِ رڪروٽمنٽ رولز ۾ ترميم ڪري سنڌ ڪابينه ۾ پيش ڪيو ويندو. ان کان علاوه موجوده استادن کي به آئنده پروموشنز لاءِ پروفيشنل ڊگري ۽ تربيتي سرٽيفڪيٽس لازمي حاصل ڪرڻا هوندا. ري اسٽرڪچرنگ ڪميٽي جي سفارشن مطابق اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسٽيڊا جو سربراهه ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هوندو ۽ ان ۾ 11 رڪني بورڊ آف گورنرز فائنل اٿارٽي جي حيثيت رکندو. اسٽيڊا ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي ماتحت ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ اينڊ ٽريننگ، ڊائريڪٽر ٽيچر لائسنسنگ اينڊ ڪوالٽي اشورنس ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ فائنانس هوندا جڏهن ته اسٽيڊا کي مڪمل طور تي ٽيچر مئنجمينٽ سسٽم تحت ماڊرنائيز ڪيو ويندو جنهن ۾ ايڪريڊيٽيشن ۽ موٽي ويشن جو پهلو به شامل هوندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پائيٽ کي ڊگري ايوارڊنگ انسٽيٽيوٽ جي حيثيت ڏني ويندي ته جيئن اڳتي هلي سنڌ ۾ پهريان ٽيچر ايجوڪيشن يونيورسٽي قائم ٿي سگهي. ان موقعي تي سيد سردار علي شاهه چيو ته تازو ئي اسان لڳ ڀڳ 50 هزار استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ منعقد ڪيا آهن پر منهنجو خيال هو ته انهن کي اسڪول ۾ جوائن ڪرائڻ کان پهريان انڊڪشن ٽريننگ ڏيڻ لازمي آهي ان حوالي سان نه صرف کاتي ۾ موجود تربيتي ادارن ۾ سڌارا اڻٽر هئا پر هاڻي اسان کي پهريون ڀيرو ايڏي وڏي انگ ۾ استادن جي ٽريننگ ڪرائڻ جي جامع حڪمت عملي به جوڙڻي آهي. سيد سردار شاهه چيو ته تعليم کاتي ۾ موجود آفيسر ڀلي ئي پنهنجي ڪيريئر ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهر ڪري چڪا هجن پر پوءِ به اسٽيڊا جي ذريعي استادن جي ٽريننگ ۽ لائسنسنگ لاءِ پروفيشنل اداري ۽ ايجوڪيشنسٽ جون سفارشون گهريون ويون جن کي کاتيوار ڪارروائي بعد ايندڙ اجلاس ۾ اسيمبلي ڊرافٽ جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو. سردار شاهه چيو ته گذريل اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلي مطابق سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ اٿارٽي (اسٽيڊا)، پروفيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايجوڪيشن (پائيٽ) ۽ ٽيچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (ٽي ٽي آءِ) کي هڪ ئي اداري ۾ ضم ڪري اسٽيڊا اٿارٽي ۽ بورڊ آف گورنرز جوڙڻ لاءِ ۽ نئين ڀرتي ٿيندڙ استادن جي تربيت لاءِ هڪ ورڪنگ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو جنهن جي بنياد تي اڄ هن ڪميٽي اسٽيڊا وي اسٽرڪچرنگ ڪئي آهي جن کي قانوني شڪل ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو