97

لاهور هاءِ ڪورٽ بينچ جي مريم نواز جي عمري تي وڃڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ مريم نواز جي عمري تي وڃڻ جي لاءِ پاسپورٽ واپس وٺڻ جي درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي، جسٽس شهباز علي رضوي ۽ جسٽس انورالحق پنون تي مشتمل بينچ ٻڌڻي کان معذرت ڪئي، عدالت قرار ڏنو ته بهتر آهي ته جسٽس علي باقر نجفي تي مشتمل بينچ ئي مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪري، ٻه رڪني بينچ مريم نواز جي ڪيس کي چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي، ٻه رڪني بينچ مريم نواز جي ڪيس کي لاڳاپيل بينچ کي اماڻن جي سفارش ڪئي آهي، جسٽس شهباز رضوي ريمارڪس ڏنا ته هن ڪيس کي جن معزز جج صاحبن پهرين ٻڌو آهي اهي ئي ان کي ٻڌن، مريم نواز جي وڪيل موجب مريم نواز کي لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري شوگر مل ڪيس ۾ ضمانت ڏني هئي، مريم نواز عدالتي حڪم تي پنهنجو پاسپورٽ سرنڊر ڪيو آهي پر مريم نواز هاڻي 27 اپريل تي عمري تي وڃڻ چاهي ٿي، واضح رهي ته مريم نواز جي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس علي باقر نجفي تي مشتمل بينچ ڪئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو