86

لنڊن ۾ بلاول ڀٽو جي نواز شريف سان ٻئي ڏينهن به ملاقات، جمهوري معاهدي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڳالهيون

لنڊن ( م ڊ ) لنڊن۾ پ پ چيئرمئن  بلاول ڀٽو جون ن ليگ جي سربراهه نواز شريف سان جمهوري معاهدي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، بلاول ڀٽو  ٻي ڏينهن پڻ نواز شريف سان ملاقات ڪري ڳالهيون ڪيون. نواز شريف طرفان ايون فيلڊ تي بلاول ڀٽو جي مان ۾ افطار ڊنر ڏنو ويو. بلاول ڀٽو  نواز شريف کي سندس ڪٽنب سميت افطار ڊنر جي دعوت ڏني هئي پر نواز  شريف کيس پنهنجو مهمان قرار ڏئي پاڻ سندس مان ۾ افطار ڊنر ڏنو. نواز شريف کيس چيو ته  لنڊن ۾ توهان اسان جا مهمان آهيو.  افطار ڊنر ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ شيري رحمان، نويد قمر ۽ قمرزمان ڪائره پڻ شريڪ ٿيا، ن ليگ جا اسحاق ڊار، حسين نواز ۽ حسن نواز پڻ موجود هئا. نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو ملڪ جي اهم سياسي معاملن تي ڳالهيون ۽ مشاورت پڻ ڪئي. ان کان اڳ ايون فيلڊ تي پهچڻ کان پوءِ پ پ اڳواڻ شيري رحمان ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ماحول خوشگوار آهي، اسان جمهوري معاهدي تي اڳ پڻ ڪم ڪيو هو، جمهوري معاهدي تي 90 سيڪڙو ڪم ته اڳ ئي ڪري ڇڏيو هو. باقي جيڪو ڪجهه رهيل آهي ان تي پڻ عمل ڪنداسين ۽ اڳتي جو ئي سوچينداسين. ان تي اڃان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هيءَ بينظير ڀٽو واري ٽيم ئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به غير آئيني ۽ غير جمهوري شخص کي پاڪستان تي حڪومت ڪرڻ جو حق نه آهي. هن چيو ته افطار ڊنر کان پوءِ بلاول ڀٽو واپس روانو ٿي ويندو ۽ ان جي ٽيم ئي ن ليگ جي ٽيم سان ڳالهيون جاري رکندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو