89

ڳجهن ادارن خط جي جاچ ڪئي، پرڏيهي سازش جا ثبوت نه مليا آهن: قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ)قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس جي هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڳجهن ادارن خط جي جانچ ڪئي آهي جنهن ۾ پرڏيهي سازش جا ثبوت نه مليا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو 38 هون اجلاس جمع ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، رانا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير حنا رباني کر، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا، چيف آف نيول اسٽاف ايدمرل محمد امجد خان نيازي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. پڌرائيءَ موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل اجلاس جا منٽس به پيش ڪيا ويا. آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد قومي سلامتي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي ٽيلي گرام وصول ٿيو، ڪميٽي ان ٽيلي گرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڳجهن ادارن خط جي جاچ ڪئي، جاچ دوران پرڏيهي سازش جا ثبوت نه مليا، سيڪيورٽي ادارن جي جانچ جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪا پرڏيهي سازش نه ٿي، اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي تائيد  ڪئي وئي. ٻي پاسي وفاقي وزير احسن اقبال هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي ۾ ٻن ايجنسين کان رپورٽ ورتي وئي، سفير پنهنجي خط ۾ ڪنهن به سازش جو ذڪر ئي نه ڪيو، اجلاس ۾ به پاڪستان جي سفير کي ٻڌڻ کان پوءِ ئي فيصلو ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي فيصلن کي تڪراري ڪيو پئي ويو، آءِ ايس پي آر جي ڊي جي کي پڻ وضاحت ڪرڻي پئجي وئي،  عمران خان پاڪستان جي سفارتڪاري کي تباهه ڪري رهيو آهي، اڳتي ڪير به اسان تي ڀروسو نه ڪندو، عمران خان شايد ملڪ کي ڪيوبا ڪرڻ ٿو گهري، هي چاهين ٿا ته اسان جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿين. هن چيو ته 8 مارچ تي خط پهتو هو ۽ ان ۾ ڪا سازش هئي ته ان تي رد عمل به تڪڙو ڏيڻ گهرجي ها پر حڪومت 30 مارچ تائين ڪجهه به نه ڪيو. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله پريس ڪانفرنس ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪا مان آيل خط هاڻي ڏٺو ۽ پڙهيو اٿم ان ۾ ڪنهن جو به نالو نه آهي، پرڏيهي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سفير جڏهن عام ماڻهن سان ملندو آهي ته ان جي پنهنجي راءِ هوندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو