78

گورنر قسم کڻائڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهي، صدر ٻئي ڪنهن کي قسم لاءِ مقرر ڪري: عدالت

لاهور ( م ڊ )  لاهور هاءِ ڪورٽ وڏي وزير جي عهدي جي حلف کڻڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ نئين چونڊيل پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي داخل درخواست تي مختصر فيصلو ٻُڌائيندي قرار ڏنو ته گورنر پنجاب طرفان حلف کڻڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، عدالت مختصر فيصلي ۾ هدايت ڪئي آهي ته پنجاب جي گورنر جي لاچاريءَ کان پوءِ صدر پاڪستان ڪنهن ٻي کي حلف کڻاڻ لاءِ نمائندو مقرر ڪري. هاءِ ڪورٽ آفيس کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته صدر پاڪستان کي عدالتي فيصلي جي ڪاپي موڪلي وڃي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد امير ڀٽي وڏي وزير جي عهدي جي حلف لاءِ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز جي داخل درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. درخواست ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ٻين کي ڌُر ڪيو ويو آهي. عدالتي حڪم تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احمد اويس عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻُڌايو ته داخل درخواست ۾ ڪجهه بنيادي خاميون آهن. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب نشاندهي ڪئي ته گورنر جيڪڏهن موجود نه هوندو ته اسپيڪر قسم کڻائي سگهي ٿو، اسپيڪر کي درخواست ۾ ڌُر ئي نه ڪيو ويو. عدالتي پُڇاڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب ٻُڌايو ته گورنر سمجهي ٿو ته چونڊون آئين موجب نه ٿيون آهن، گورنر ڪو رٻڙ اسٽيمپ نه آهي، آئين جو آرٽيڪل 104 گورنر کي مڪمل اختيار ڏي ٿو. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻُڌايو ته پنجاب اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڀڃ ڊاهه سان هڪ ايم پي اي ڪوما ۾ آهي، عدالت ۾ لکت واري گذارش پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، عدالت سومر تائين ٻُڌڻي ملتوي ڪري. چيف جسٽس چيو ته اهو عدالت ڄاڻي ٿي ته اليڪشن ڪيئن ٿي. عدالت ئي اليڪشن ڪرائي آهي، گذريل 21 ڏينهن کان پنجاب ۾ حڪومت نه آهي، ان کان پڇي ٻُڌايو ته گورنر قسم ڇو نٿو وٺڻ چاهي؟. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مؤقف اختيار ڪيو ته گورنر ڪنهن عدالت کي جوابده نه آهي. عدالت ٻُڌڻي ۾ 2 وڳي تائين وقفو ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل کي پنجاب جي گورنر جي عذر جي باري ۾ لکت ۾ آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب وقفي کان پوءِ ٻيهر ٻُڌڻي تي عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته گورنر پنجاب قسم نه کڻائڻ جي سبب بابت 24 ڪلاڪن ۾ صدر کي آگاهه ڪندو، جنهن تي عدالت مختصر فيصلو لکائيندي هدايت ڪئي ته پنجاب جي گورنر جي لاچاريءَ کان پوءِ صدر پاڪستان حلف وٺڻ لاءِ ڪنهن ٻي کي نمائندو مقرر ڪري. هاءِ ڪورٽ آفيس کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته هو صدر پاڪستان کي عدالتي فيصلي جي ڪاپي موڪلي. عدالت حمزه شهباز جي درخواست اُڪلائي ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو