97

آصف زرداري، شهباز شريف ۽ فضل الرحمان جو چوڌري شجاعت سان رابطو، سياسي سهڪار تي ٿورا مڃيا

اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان (ق) ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان رابطو ٽيليفونڪ رابطو، سياسي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو، چوڌري سالڪ حسين جي وفاقي وزير طور حلف کڻڻ تي مبارڪون، رپورٽ موجب ٽنهي سياسي اڳواڻن (ق) ليگ سربراهه  چوڌري شجاعت حسين کي پٽ چوڌري سالڪ حسين جي وفاقي وزير طور حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏنيون، ٽيلفونڪ رابطي دوران ملڪي سياسي معاملن، اڳتي جي حڪمت عملي ۽ ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا،ٽنهي سربراهن چوڌري شجاعت  کي سياسي طور تعاون ڪرڻ ۽ سالڪ حسين کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ هو ته پٽ جيڪو به قدم کنيو منهنجي مشاورت سان کڻيو، وزارت قبول ڪرڻ ۾ منهنجي مرضي شامل هئي، شهباز شريف کي ووٽ به منهنجي مشوري سان ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو