91

ڪوآپريٽو ۽ وڪٽوريا مارڪيٽن جي باهه متاثرن ۾ معاوضي جي رقم تقسيم، حڪومت واعدو پورو ڪيو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوآپريٽو ۽ وڪٽوريا مارڪيٽن ۾ باهه لڳڻ سبب متاثرن ۾ معاوضي جا چيڪ ورهائيندي چيو آهي ته جڏهن باهه لڳي ته ڪي سي سي آءِ جي عملدارن مون سان رابطو ڪيو ۽ ٿيندڙ نقصان بابت آگاهه ڪيو جنهن تي مونکي ڏک ٿيو ۽ مون خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت متاثرن جي هر ممڪن سهڪار ڪندي. هن اها ڳالهه اڄ هتي وزيراعليٰ هائوس جي بئنڪوئيٽ هال ۾ ڪوآپريٽو مارڪيٽ جي متاثرن ۾ معاوضو ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڪوآپريٽو وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو، سيد ناصر شاهه، سعيد غني، شرجيل انعام ميمڻ، مرتضيٰ وهاب، وقار مهدي، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، صوبائي سيڪريٽرين سميت ڪي سي سي آءِ جو صدر محمد ادريس، ڪي سي سي آءِ جو اي-ڪيو خليل، زبير موتي والا ۽ متاثرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 14 نومبر 2021ع تي صدر ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۽ وڪٽوريا مارڪيٽ ۾ ٽوٽل 358 دڪانون باهه لڳڻ سبب سڙي رک ٿيون هيون جنهن ۾ 20 وڪٽوريا ۽ 338 ڪوآپريٽو مارڪيون شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير متاثرن ۾ 445.197 ملين رپين جي معاوضي جا چيڪ ورهايا جن ۾ 52.45 ملين رپيا وڪٽوريا سينٽر ۽ 392.747 ملين رپيا ڪوآپريٽو مارڪيٽ جي دڪانن جي متاثرن کي ڏنا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته باهه لڳڻ واري واقعي تي کيس ڏک ٿيو، ڪي سي سي آءِ جي عملدارن ساڻس رابطو ڪري کيس باهه لڳڻ سبب دڪاندارن جي جاني نقصان کان آگاهه ڪيو هو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کيس احساس آهي ته غريب دڪاندارن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي ۽ سندس پارٽي جي اڳواڻن پڻ نقصان جي ازالي جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ان کان اڳ به سنڌ حڪومت بولٽن مارڪيٽ جي مالڪن کي معاوضو ادا ڪري چڪي آهي جيڪي 2009 ۾ ساڳئي سال ۾ باهه لڳڻ سبب متاثر ٿيا هئا. وڏي وزير چيو ته اسان ڪوآپريٽو ۽ وڪٽوريا مارڪيٽ جي متاثرين کي 100 سيڪڙو معاوضو ڏئي رهيا آهيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڳوڻي وفاقي حڪومت ڪڏهن به سنڌ حڪومت سان تعاون نه ڪيو هو تنهنڪري مون پنهنجي ڪابينا کي چيو آهي ته هاڻي ساڍن ٽن سالن جو ڪم ڏيڍ سال ۾ ڪرڻو آهي. هن چيو ته مون تي اهڙي پاور پالانٽ جو نيب ڪيس آهي جيڪو تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اهوئي پاور پلانٽ ڪراچي کي سستي بجلي فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان واپارين جي چوڻ تي ڪارخانن ۽ دڪانن ۾ اليڪٽريڪل معائنو نه ڪرايو، هاڻي صورتحال اها آهي ته دڪانن ۾ بجليءَ جون تارون لڳل آهن جنهن سبب باهه لڳي رهي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته واپاري طبقو پنهنجين دڪانن ۾ ضروري فائر سيفٽي جو سامان لڳائيندا. پنهنجي خطاب ۾ سنڌ جي وڏي وزير دادو جي ڳوٺ ميهڙ ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان واقعي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو آهي جيڪو تمام ڏکوئيندڙ آهي، اسان کي باهه جي اهڙن واقعن کي روڪڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مختلف ماڳن جي روڊن جي تعمير لاءِ 2.5 ارب رپيا ڏنا ويا ۽ هلندڙ سال روڊن جي تعمير لاءِ 4 ارب رپيا وڌيڪ ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪراچي سڄي پاڪستان کي کارائي ٿو پر اسان ڪراچي شهر سان انصاف نٿا ڪريون. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن جو سٺو حصو ڪراچي جي ترقي تي خرچ ڪري رهي آهي. هن چيو ته وسيلا ايترا نه آهن ۽ اسين پاڻ ۾ ورهايل آهيون، اهو ئي سبب آهي جو اسان کي گذريل چئن سالن کان وفاق کان اها مدد نه ملي آهي. هن چيو ته هن نئين وزيراعظم کي ڪراچي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو هو جنهن تي هن مسئلن جي حل لاءِ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سمورن واپارين ۽ صنعتڪارن کي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسان جا ماڻهو تمام غريب آهن اسان سڀني کي انهن جو خيال رکڻو پوندو. پنهنجي تقرير جي آخر ۾ هن چيو ته اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته مان عيد کان اڳ اوهان جي نقصان جو ازالو ڪري رهيو آهيان، اميد آهي ته ان ڪوشش سان اوهان جو ڪاروبار ٻيهر شروع ٿيندو ۽ الله تعاليٰ گهريو ته عيد جي موقعي تي متاثرين جو ڪاروبار وڌيڪ هٿي وٺندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو