107

وڏي انگ ۾ ڀرتيون ڪرڻ وارا آهيون، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هڪ هفتي اندر فعال ڪنداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽ: وحيد ميمڻ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هفتي اندر فعال ڪرڻ جو واعدو ڪندي چيو آهي ته جلد وڏي انگ ۾ ڀرتيون ڪرڻيون آهن، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، رمضان دوران عوام کي عام واهپي جي شين تي 46 ڪروڙ روپيا سبسڊي ڏني آهي، مڪاني ادارن واري قانون جو مسودو صوبائي اسيمبلي جي سليڪٽ ڪميٽي ۾ غور هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ لوڪل گورنمينٽ قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي. وڏي وزير اهڙو اظهار وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هڪ هفتي اندر فعال ڪري رهيا آهيون،  وڏي انگ ۾ ڀرتيون ڪرڻيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مڪاني ادارن واري قانون جو مسودو صوبائي اسيمبلي جي سليڪٽ ڪميٽي ۾ غور هيٺ آهي. هن چيو ته اسان اڳ ۾ ئي ڪابينا ۾ فيصلو ڪري چڪا آهيون ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ لوڪل گورنمينٽ قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي. هن چيو ته قانون جي مسودي جو مڪاني چونڊن سان ڪوبه واسطو نه آهي. جي ڊي اي وارن کي لوڪل باڊيز قانون ۾ ترميم جي ڪابه خبر نه آهي،  تنهن ڪري هنن محسوس ڪيو ته ان جو اثر مڪاني ادارن جي چونڊن تي پوندا. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ترميمون لوڪل باڊيز قانون ۾ نه پر مڪاني ادارن جي ڪم ۾ ٿي رهيون آهن، اهڙين ترميمن سان مڪاني چونڊن جو شيڊول متاثر نه ٿيندو. پاڻي جي کوٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مون سنڌ جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف سان ان مسئلي تي ڳالهايو هو ۽ خاطري ڪرائي هئي ته ان مسئلي کي سي سي آءِ ۾ اٿاريو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته پاڻي جو مسئلو 2018ع کان سنڌ حڪومت پاران اٿاريو ويو جيڪو سي سي آءِ ۾ التوا هيٺ آهي جڏهن ته اٽارني جنرل رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اٽارني جنرل پاڻي جي ورڇ تي سنڌ جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته  اسان جي حڪومت صوبي جي 5 ڊويزنن ۾ 108 بچت بازارون قائم ڪيون آهن جن ۾ ڪراچي 34، حيدرآباد 19، ميرپورخاص 8، لاڙڪاڻو 17، شهيد بينظير آباد 19 ۽ سکر 19 شامل آهن. سڄي صوبي جي 108 بچت بازارن ۾ اٽي جو 10 ڪلو ٿيلهو 400 رپيا آهي جڏهن ته مارڪيٽ ۾ 800 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت بچت بازارن ۾ رعايتي اگهه تي شين جي وڪري لاءِ 462 ملين روپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي. کنڊ ۽ گيهه بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بچت بازارن ۾ کنڊ 70 کان 75 رپيا في ڪلو جي اگهه تي وڪرو ڪئي پئي وڃي جڏهن ته مارڪيٽ اگهھ 85-90 رپيا في ڪلو آهي. اهڙي ريت گيهه 410 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته ان جو مارڪيٽ اگهه 450 رپيا آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته اسان جي حڪومت وٽ ايترا وسيلا نه آهن جو پوري سال تائين کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏئي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ضلعي دادو جي تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ فيض چانڊيو ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ 9 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، اهو افسوسناڪ واقعو آهي. هن چيو ته اسان اٽڪل 33 ملين روپين جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو آهي. حڪومت هيستائين متاثر خاندانن کي 4.6 ملين روپيا ڏئي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اين ڊي ايم اي 10 ملين روپين جي معاوضي واري پيڪيج جو پڻ اعلان ڪيو آهي جنهن مان 75 لک روپيا ڏنا ويا آهن.  هن وقت تائين ڪيل انتظامي ڪارروائي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڊپٽي ڪمشنر دادو جي بدلي ڪئي وئي آهي ۽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن کي پنهنجو موقف چٽو  ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته ضلع هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) دادو، اسسٽنٽ ڪمشنر مهر، مختيارڪار مهر ۽ ٽائون آفيسر کي معطل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوري صوبي ۾ فائر ٽينڊرن جي صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ مرمت کانپوءِ انهن کي فعال ڪيو ويندو ۽ باهه لڳڻ وارن علائقن ۾ فوري قدم کنيا ويندا.  مراد علي شاهه چيو ته صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. مون وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران اهي مسئلا اٿاريا هئا ۽ ان وقت وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدايت پڻ ڪئي ته اهي ڄاڻايل مسئلي کي حل ڪن. سنڌ جي وڏي وزير افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت تيل جي کوٽ سبب 700 ميگاواٽ کان وڌيڪ پاور پلانٽ غير فعال ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته سندن نااهلي جو سبب اهو آهي ته هو وقت سِر بجلي گهرن لاءِ تيل خريد ڪرڻ جا آرڊر نه ڏئي سگهيا جنهن سبب عوام 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي، مون ڪي اليڪٽرڪ جي ايم ڊي سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ کيس چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جو شارٽ فال وفاقي حڪومت پورو ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو