84

حڪومت پاران موٽر سائيڪل وارن کي رعايت سان پيٽرول ڏيڻ تي غور،ڊيزل ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي

اسلام آباد / لنڊن ( بيورو رپورٽ / م ڊ )  حڪومت موٽر سائيڪل وارن کي بينظير ڪارڊ ذريعي رعايت سان پيٽرول ڏيڻ تي غور پڻ ڪري رهي آهي. جڏهن ته تيل جي  اگهن ۾ واڌ جي امڪان سبب ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول پمپن تي  ڊيزل جو وڪرو بند ڪيو ويو، جنهن سبب پيٽرول پمپن تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.  . پر انهن کي ڊيزل نه ملي سگهيو. ان کان علاوه آبادگارن کي پڻ پنهنجي ٻنين تي ٽريڪٽر ۽ پاڻي جا پمپ هلائڻ لاءِ ڊيزل نه ملي رهيو آهي. ساڳي ريت ڪيترن ئي علائقن ۾ پيٽرول پڻ کوٽ جو بهانو ڪري بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. اهڙي صورتحال سبب ٽرانسپورٽرن پڻ گاڏين جا ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن. پيٽروليم ڊيلر ايسوسيئيشن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي کوٽ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ مٿن تيل جي سپلاءِ نه ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، ڊيلرن چيو آهي ته رڳو پاڪستان اسٽيٽ آئل طرفان ئي سپلائي جاري آهي باقي ٻين ڪمپنين سپلائي روڪي ڇڏي آهي. هوڏانهن اهڙي صورتحال کان پوءِ اوگرا پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پوري ملڪ ۾ ڊيزل يا پيٽرول جي ڪا کوٽ نه آهي، ڪجهه هنڌن تي ڊيزل جي کوٽ جا افواهه پکيڙيا پيا وڃن، اسين سموري صورتحال تي گهري نظر رکي ويٺا آهيون. ٻي پاسي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل لنڊن  مان هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته  پيٽروليم جي اگهن ۾ تڪڙن بنيادن تي ڪا وڌا نه ٿي رهي آهي، ان ڪري عوام کي گاڏين جي پيٽرول ٽينڪي فل ڪرائڻ جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته  اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري ختم ڪرڻ جو ارادو نه آهي، اهڙي ڪنهن قانون ۾ تبديلي نه ڪئي ويندي جنهن سان آءِ ايم ايف سان لاڳاپا خراب ٿين،  آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ٿئي پوءِ ڏسنداسين . هوڏانهن پيٽرول مهانگو ٿيڻ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وزارت موٽر سائيڪل وارن کي رعايت سان پيٽرول ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي. جنهن موجب رعايتي اگهه تي پيٽرول وٺڻ لاءِ موٽرسائڪل وارن کي بينظير ڪارڊ ملندو. بجٽ کان اڳ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ايڪسائز کاتي ۽ نادرا کان مدد ورتي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو