95

عمران خان جو اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج جو اعلان فارن فنڊنگ ڪيس ۾ بليڪ ميلنگ آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حڪمران اتحاد ۾ شامل پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي سياست هاڻي ” مون کي ڇو نه بچايو“ تي ٻڌل آهي. هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي حڪومت جي دٻاءَ جو مقابلو ڪرڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر واکاڻ جو مستحق آهي. هن چيو ته تڪراري ٿيڻ  کان پوءِ آئيني ڪردار ۾ منتقلي تي اسين سمورن ادارن جي ڪاوشن جي حمايت ڪريون ٿا، عمران خان جي سياست مون کي ڇو نه بچايو جي مهم سان ادارن کي نشانو ڪرڻ جي آهي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عمران خان جي سياست ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا تي ٻڌل آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي اداري ۽ آئين سان گڏ بيٺو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان اميد ڪيون ٿا ته مستقبل ۾ مضبوط اليڪشن ڪميشن کي ڏسنداسين، عمران خان جو اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج جو اعلان فارن فنڊنگ ڪيس ۾ بليڪ ميلنگ آهي. بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته عمران خان جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون ۽ سچ حاوي ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو