109

ايم پي اي علي حسن زرداري پاران ٺٽي ضلعي جي ماستري ٽيسٽ پاس اميدوارن ۾ آرڊر تقسيم

ٺٽو/ميرپورساڪرو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ، پي ايس 78 گھوڙاٻاري تان چونڊيل پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري جي لڳاتار ڪوششن سان ضلعي ٺٽي جي مختلف يوسيز کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪرائي ۽ نالن جي اسپيلنگ جي درستگي بعد ڪالهه ور شهر ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس گهوڙاٻاري، ميرپورساڪرو ۽ ڪيٽي بندر جي مختلف يوسين جي ڪامياب اميدوارن ۾ ماستري جي نوڪرين جا آرڊر ورهائڻ لاءِ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي پ پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري، پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ۽ وزير اعليٰ جي خاص معاون صادق علي ميمڻ، ضلعي ٺٽي جي نائب صدر عبدالحميد پنهور ۽ تعليم کاتي جي سينيئر عملدارن ڪامياب اميدوارن ۾ ماستري جي نوڪري جا آرڊر ورهيا، ان موقعي تي نوڪرين جا آرڊر حاصل ڪندڙ بي روزگار نوجوانن جي چهرن تي خوشي ڇانيل هئي. ان موقعي تي ايم پي اي علي حسن زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جو منشور ئي غريبن جي مدد ڪرڻ آهي، تاريخ گواهه آهي ته پيپلزپارٽي جڏهن به اقتدار ۾ آئي آهي هميشه ميرٽ تي غريب ۽ بي پهچ نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن، اسان اڳتي به ائين ئي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو