91

پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ٻڌائڻ جو حڪم معطل

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ڪرڻ جو سنگل بينچ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف  جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بينچ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ڪرڻ جي حڪم خلاف انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ  درخواست جي  ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل شاهه خاور ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي پيش ٿي جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته جڏهن اسڪروٽني ڪميٽي چئي ڇڏيو ته دستاويزات تصديق ٿيڻ جوڳا نه آهن ته پوءِ هاڻ ڪهڙي ڪارروائي هلي رهي آهي؟ چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته قانون اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن هر سال سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي اسڪروٽني ڪري ۽ غيرقانوني فنڊنگ کي ضبط ڪري سگهجي ٿو. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ کان پوءِ هاڻ ڪهڙي ڪارروائي ڪري رهيو آهي؟ شاهه خاور ايڊووڪيٽ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جو آرڊر ڏيڻ سنگل بينچ جو اختيار نه هو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته انٽراڪورٽ اپيل کان علاوه اوهان رٽ پٽيشن به داخل ڪئي ان ۾ اوهان جي ڪهڙي استدعا آهي؟ شاهه خاور ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته ان ۾ ٽيڪنيڪل اشو آهي اسان چاهيون ٿا ته قانون موجب مختلف سلوڪ نه ڪيو وڃي. اسان جون ٻين سياسي پارٽين جي خلاف درخواستون ڏنل آهن. ان درخواستن تي ايئن ڪارروايون نه پيون ٿين جيئن اسان جي خلاف هلي رهيون آهن. اسان چاهيون ٿا ته ان ڪيس ۾ به اجايو رولڙو ختم ڪري ڪارروائي تيز ڪئي وڃي.
جسٽس اطهر من الله تحريڪ انصاف جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن کي امڪاني پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جو سنگل بينچ جو حڪم به معطل ڪري ڇڏيو. عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ 17 سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو