77

پاڪستان ۾ انصاف وڏي ٻولي ڏيندڙ کي وڪامي ٿو، ڪرپشن تي پوليس جي مهرباني: جسٽس قاضي فائز

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته  پاڪستان ۾ انصاف وڏي ٻولي ڏيندڙ کي وڪامي ٿو، ڪرپشن تي پوليس جي مهرباني. هڪ قتل ڪيس جي ٻڌڻي تي هن وڌيڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته  ڇا عورت جي ڪا اهميت نه آهي؟ پوليس وارا چون ٿا ته قتل ڪري ڇڏيو، باقي ڪيس خراب اسين ڪنداسين، ڪرپشن تي پوليس جي وڏي مهرباني. هن چيو ته ڪيس جي مکيه شاهد جو بيان به ريڪارڊ نه ڪيو ويو، اڻ پوري جانچ ڪندڙ آفيسرن کي معطل ڪرڻ گهرجي، پوليس کي پگهار ئي جانچ ڪرڻ جو ملندو آهي، شاهد بيان نه ريڪارڊ ڪرائي ته ان کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو. عدالت ڪيس جي اڻ پوري جانچ سبب مردان جي ڊي آءِ جي جانچ کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي. ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو