اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت صوبن ۾ 23 کرب روپين جون 764 رٿائون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. گذريل حڪومت 1169 رٿائون پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيون هيون، پر اها ختم ختم ٿيڻ کان پوءِ آيل نئين ليگي حڪومت انهن مان 764 رٿائون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 1169 مان ختم ٿيندڙ 764 اسڪيمن وارو ناڻو وري ٻين هنڌن تي نين رٿائن ۾ لڳايو ويندو . ان سلسلي ۾ رٿابنديءَ واري وزارت جي ذريعن چيو آهي ته سياسي قيادت جي تبديليءَ کان پوءِ محدود مالي وسيلا وڏين رٿائن تي فنڊنگ جي اجازت نه ٿا ڏين. ڪل اسڪيمن مان 65 سيڪڙو اسڪيمون بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي ان سان 36 سيڪڙو ناڻي جي بچت ٿيندي.
96