136

فريدآباد ۾ متاثرن جو سامان کڻندڙ ٻن اي ايس آئيز سميت 14 اهلڪارن جون نوڪريون چٽ

دادو/ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي دادو پاران باھ متاثرين جو راشن کڻڻ جي الزام ۾ ٻن اي ايس آئيز سميت 14 پوليس اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو.  ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون پاران جوڙيل جاچ ٽيم جي رپورٽ اچڻ بعد باھ متاثرين لاءِ ايندڙ راشن کڻڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ايس ايس پي دادو پاران ٻن اي ايس آئيز سميت 14 پوليس اهلڪارن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي آهي. نوڪرين تان برطرف ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ پوليس لائين جو  اي ايس آءِ محمد اسماعيل سومرو، ماڏو ٿاڻي جو اي ايس آءِ شاهنواز لاکير، ڊي پي سي فريدآباد علي گوهر چانڊيو، گلزاراحمد چانڊيو, عباس پنهور,علي حسن چانڊيو, محمد جمن لغاري، شفيع محمد سانڌ، وحيد خاصخيلي، ڪفيل احمد، پرويز جتوئي، محمد حسين چانڊيو، ڪاشف جتوئي اسد حسين لاشاري شامل آھن. ايس ايس پي دادو عرفان سمون موجب نوڪرين مان برطرف ڪيل 2 اي ايس آئيز سميت 14 پوليس اهلڪار باھ متاثرين جو راشن پنهنجي گهر کڻي وڃڻ ۾ ملوث ھئا، جيڪو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کين نوڪرين مان نيڪالي ڏني ويئي آھي. ياد رهي ته ميهڙ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهه متاثرن لاءِ آيل راشن پوليس اهلڪارن پاران  4 ڏينهن اڳ پوليس موبائيل ۽ موٽر سائيڪلن تي کڻڻ جي وڊيو وائرل ٿي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو