ڪراچي/ لاهور (اسٽاف رپوررٽر/ م ڊ) ڪراچي مان گم ٿيل دعا زهره لاهور مان بازياب،نڪاح نامو ظاهر، لاهور پوليس حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڪراچي پوليس کي آگاهه ڪيو ويو، ان حوالي سان لاهور پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي واسڻ 14 ورهين جي دعا زهره لاهور جي شير شاهه علائقي واسي 21 ورهين جي ظهير احمد سان پرڻو ڪيو آهي،جڏهن ته نڪاح غير قانوني آهي، دعا زهره چوي ٿي ته هون پنهنجي مرضي سان ڪراچي مان لاهور آئي هئي، ڪراچي پوليس اچي سندس بيان رڪارڊ ڪندي،نوجوان ناري 17 اپريل تي 21 ورهين جي ظهير احمد سان نڪاح ڪيو، عمر 18 سال لکرائي، 50 هزار رپيا حق مهر لکرايو ويو آهي، نڪاح حافظ غلام مصطفي پڙهايو، ڇوڪري جي نڪاح جا شاهد شبير ۽ اصغر هئا، جڏهن ته ناري جو ڪو شاهد نه هو،هوڏانهن لاهور پوليس نڪاح پڙهائيندڙ مولوي غلام مصطفيٰ کي گرفتار ڪري ورتو آهي،هن پوليس کي بيان ڏنو آهي ته مون نڪاح ناهي پڙهايو، لکت ڏٺل لڳي ٿي، هوڏانهن ناري جي والده جو چوڻ آهي ته ٽي وي تي ڏيکاريل نڪاح نامي ۾ ڌيءَ جي عمر 18 سال آهي، اها 27 تاريخ تي 14 سالن ٿيندي،مان ڪيترن ڏينهن کان ننڍ ناهي ڪئي، ماني به ناهي کاڌي، ٻيون ڌيئرون پريشان آهن، دعا تون گهر هلي اچ، هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه تصديق ڪندي چيو آهي ته دعا زهره بازياب ٿي وئي آهي، ٻي ڪيس تي به پوليس ڪم ڪري پي، جلد ان جو پتو پوندو:.
150