101

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ وين تي عورت جو آپگهاتي حملو، 3 چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، رينجرز اهلڪارن سميت 4 زخمي

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر )ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ وين تي عورت  آپگهاتي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 3 چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ رينجرز اهلڪارن سميت 4 زخمي پڻ ٿيا. مليل ڄاڻ موجب اڱاري ڏينهن منجهند مهل برقعو پاتل هڪ عورت يونيورسٽيءَ جي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي مکيه دروازي جي ڀرسان بيهي انتظار ڪندي رهي، ان دوران جيئن ئي چينين کي کڻي ايندڙ وين ويجهو پهتي ته ان عورت هٿ ۾ موجود ريموٽ ڪنٽرول دٻائي پاڻ کي ٻڌل بارود جو ڌماڪو ڪري ڇڏيو. ڌماڪو  ٿيندي ئي وين تباهه ٿيڻ سان گڏ ان کي ۽ ان جي ڀرسان هڪ موٽر سائيڪل کي باهه پڻ لڳي وئي، حملو ڪندڙ عورت جي سسي پڻ ڌر کان ڌار ٿي وئي. ڌماڪو ايترو زوردار هو جو ته ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ويجهين عمارتن جا شيشا پڻ ڀڄي پيا. واقعي کان پوءِ امدادي ۽ پوليس ۽ رينجرز فائر برگيڊ ۽ ٻين ادارن جون ٽيمون پهچي ويون جن پوري علائقي کي گهيرو ڪري ورتو. وين جي باهه وسائي لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس  حملي واري واقعي جي جانچ پڻ شروع ڪئي وئي. حملي ۾ مارجي ويلن ۾ يونيورسٽي جي چيني ٻولي سيکارڻ جي مرڪز ڪنفيوشس جو  چيني ڊائريڪٽر هوانگ گيوپنگ، 2 چيني استادياڻيون ڊنگ ميوپنگ، چن سا ۽ پاڪستاني ڊرائيور خالد پڻ شامل  آهي، جڏهن حملي ۾ 4 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. رينجرز جو چوڻ آهي ته  ان حملي ۾ ان وين جي سيڪيورٽي لاءِ وين جي اڳيان ۽ پٺيان موٽرسائڪلن تي موجود 4 اهلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن. هوڏانهن هڪ بلوچ ويڙهاڪ تنظيم حملي جي ذميواري قبول ڪري آپگهاتي حملو ڪندڙ عورت جي تصوير پڻ جاري ڪري ڇڏي آهي ، حملو ڪندڙ ان عورت جو نالو شاري عرف برمش ٻڌايو آهي. واقعي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي سي ٽي ڊي جي انچارج راجا عمر خطاب چيو ته چينين جي وين تي حملو ان جي ريڪي ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪيو ويو، وين جي اڳيان ۽ پٺيان موٽر سائڪلن تي رينجرز جا اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ مقرر ٿيل هئا. هوڏانهن جانچ آفيسر ٻڌايو ته عورت ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ لڳي 56 منٽن تي داخل ٿي، ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ  ان مسڪن گيٽ جو رستو استعمال ڪيو، يونيورسٽي اچڻ لاءِ رڪشا جو استعمال ڪيو. رڪشا جي ڳولا نمبر پليٽ ذريعي ڪئي پئي وڃي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو