80

چينين تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ رٿابندي ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ٿيندي: (آصف زرداري)ايم ڪيو ايم سان معاهدي ۾ نئين صوبي جي ڳالهه نه آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ  بلاول ڀٽو جي پرڏيهي وزير ٿيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ اڄ پرڏيهي وزير طور قسم پڻ کڻندو.  پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو  چيو نواز شريف وطن اچي پيو، گڏجي فيصلا ڪري عمل ڪنداسين، ذاتي مفادن کان ڪري ملڪي مفادن لاءِ ڪم ڪنداسين، ته سمورين جمهوري پارٽين سان گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪنداسين، ملڪ ۾ جيڪي اشوز آهن انهن جي ذميواري کڻون ٿا، آئون سڀاڻي وڃي قسم کڻندس ۽ پنهنجي ذميداري ادا ڪندس، هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم سان معاهدي ۾ صوبي جي ڪابه ڳالهه نه آهي، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، لوڪل گورنمينٽ نظام ۾ پ پ بهتري چاهي ٿي، ان لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جو موقف ۽ سڌارا ضروري آهن، معاهدي تحت سنڌ سميت پوري ملڪ جي ڀلي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. . هن چيو ته ارڙهين ترميم تي عمل نه ٿيو ته سڀني جو نقصان ٿيو، وفاق کي سمورن صوبن کي جائز طريقن موجب مسئلا حل ڪرڻا پوندا، رڳو اسان نه پر ڪي پي، بلوچستان ۽ پنجاب جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، وفاق ۽ صوبا هڪ پيج تي آهن هاڻ اميد ته  آساني سان حل ٿيندا. هن چيو ته نواز شريف واپس اچي ٿو جيڪي فيصلا هو ڪندو ملي فيصلا ڪنداسين ۽ عمل به ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان ڪڏهن به سچ نه ڳالهايو آهي، سندس حرڪتن سان عالمي سطح تي نقصان پهتو آهي، عمران خان ۽ سندس سازشن ملڪ جي آئين کي لتاڙيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پاڪستان جو آئين ٽوڙڻ ۾ ملوث آهن،  اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڪير آئين ٽوڙي ۽ ان کي سزا نه ملي. خان کان سوال آهي ته هن پنهنجي موجودگي ۾ جڊيشل ڪميشن ڇو نه ٺاهي، اسان عمران خان جي ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، بلاول چيو ته چونڊ سڌارا ٿيندا ته خان کي پتو پئجي ويندو. عمران خان جي سياست ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا تي ٻڌل آهي ۽ هاڻي عمران خان مون کي ڇو نه بچايو ويو مهم هلائي رهيو آهي،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سي اي سي ڪراچي ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪري ٿي، دهشتگردي جو واقعو بلوچ عوام جي حقن ۽ وفاق تي حملو آهي، هن چيو ته ڪراچي ڌماڪو ملڪي ترقي خلاف سازش آهي، بلوچ نوجوانن کي چوان ٿو ته اوهان جي مسئلن کان واقف آهيون، چاهيون ٿا ته بلوچستان ۾ ترقي ٿئي، عوام کي ان جا حق ڏيارينداسين. هن چيو ته پ پ هميشه دهشتگردي ۽ دهشتگردن خلاف آهي، پاڪستان جي ترقي لاءِ فورسز جون وڏيون قربانيون آهن، ملڪي مسئلن جو واحد حل جمهوريت ۾ آهي، جمهوريت ذريعي ملڪ کي بحران مان ڪڍنداسين، هن چيو ته عوام جي پر امن احتجاج جي نتيجي ۾ سليڪٽڊ حڪومت کي گهر موڪليو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري عدم اعتماد تحريڪ ڪامياب ٿي، هن چيو ته جمهوري هٿيار ذريعي اسان مٿان مسلط هڪ شخص کي گهر موڪليو، پ پ هميشه آمريت جو مقابلو ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي، نااهل ۽ سليڪٽڊ شخص جي ڪري ادارا تڪراري ٿي چڪا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لندن ۾ نواز شريف افطار تي گهرايو هو، ان سان سياسي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، نواز ليگ ۽ پ پ جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا، نواز ليگ سان هڪ ٻي چارٽر آف ڊيموڪريسي تي جلد ڪم شروع ڪنداسين، هاڻي اسان کي پنهنجي ذات کان اڳتي ملڪي مفاد ۾ سوچڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻو آهي ته گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، پي ٽي آءِ حڪومت ملڪي معشيت کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو، هن چيو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن لاءِ چونڊ سڌارا چاهيون ٿا، نه ٿا چاهيون ته 2018 جهڙيون چونڊون ٻيهر ٿين، عمران خان اليڪشن ڪميشن جا پر ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ايئن نه ڪري سگهيو.هن چيو ته ذاتي مفادن بدران ملڪ جي نفاد بابت سوچڻو پوندو جنهن سان ملڪ جو مستقبل واڳيل آهي، عمران خان 4 سالن ۾ جمهوريت، معيشت ۽ عالمي تعلق کي جيڪو نقصان پهچايو آهي ، ان مان اسان کي فوري نڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو  آهي، ملڪ ۾ شفاف چونڊ نظام آڻڻ لاءِ سمورين پارٽين کي گڏ ويهي چونڊ سڌارا آڻڻا آهن، احتساب پوءِ چونڊ کان پاسو ڪري چونڊ سڌارن تي ڪم ڪرڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته مخالف ڌر حڪومت ۾ ۽ حڪومتي ڌر مخالف ڌر ۾ هلي وئي آهي، يقين سان چوان ٿو ته اسان سڀ گڏجي مسئلا حل ڪنداسين، هن چيو ته اڳ جي حڪمرانن شهيد بي بي جي پروگرام کي به برداشت نه ڪيو، غريبن کان 2 هزار رپيا به بي بي جي نالي تي واپس ورتا ويا،  شهباز شريف گهٽ اجرت تي اسان جي موقف جي حمايت ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي،  اميد آهي ته پ پ سميت سمورين پارٽين جي ترجيحن تي عمل ڪنداسين،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو