ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ رهندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ چينين جي وين تي حملي واري واقعي کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ منصوبن تحت سنڌ ۾ رهندڙ چيني شهرين جو سيڪيورٽي آڊٽ ڪرائي رپورٽ ڏني وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وزيراعظم شهباز شريف ٽيلي فون تي رابطو ڪيو ۽ واقعي بابت معلومات حاصل ڪئي هوڏانهن حملي واري واقعي کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيني ڪونسليٽ جو دورو ڪيو، جتي هن چين جي ڪونسل جنرل لي بيجيان سان ملاقات ڪري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير ڪونسل جنرل سان واقعي جا تفصيل شيئر ڪيا ۽ چيو ته واقعي جي جلد انڪوائري ڪئي ويندي. مراد علي شاهه هن کي يقين ڏياريو ته جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چين جي ڀائيواري پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي مجموعي ترقي لاءِ اهم آهي ۽ اهڙا واقعا ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن کي متاثر نٿا ڪري سگهن. هن ڌماڪي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. مراد علي شاهه کيس ٻڌايو ته حڪومت لاش چين موڪلڻ جا سمورا انتظام ڪندي. مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا تعزيتي پيغام چين جي ڪونسل جنرل تائين پهچايا. هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيني قونصل جنرل کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ساڻس ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل حاصل ڪيا. هن واقعي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي سوڳوار خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. چيني قونصل جنرل لي بيجيان سنڌ جي وڏي وزير جو دوري تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو ڌماڪي ۾ مارجي ويل ٽن چيني شهرين جي خاندانن سان رابطي ۾ آهيان. مسٽر لي چيو ته لاشن جي چين منتقلي بابت ڪنهن به فيصلي تي سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪيو ويندو.
100