83

نئين دور جي شروعات، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير بڻجي ويو، ذميواريون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي پنهنجون ذميواريون پڻ سنڀالي ورتيون آهن . جنهن کان پوءِ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم جو اعزاز ماڻيندڙ بينظير ڀٽو جي پٽ  ملڪي تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر جو پرڏيهي وزير ٿيڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي. بلاول ڀٽو جي پرڏيهي وزير طور حلف برداري جي تقريب اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس هڪ سادي ۽ پُروقار تقريب ۾ حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سول ۽ فوجي عملدارن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سميت حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، آصفه ڀٽو ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪابينا ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي وفاقي وزير جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪابينا جي جوڙجڪ جي پهرين مرحلي ۾ 19 اپريل تي 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن حلف کنيو هو، ٻي مرحلي ۾ 22 اپريل تي وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ڪئي وئي هئي ۽ ڪابينا ۾ ٽي وفاقي وزير ۽ هڪ مملڪتي وزير کي شامل ڪيو ويو هو، ڪابينا ۾ اڳ ئي ٽن صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزير جي حيثيت سان ايوان صدر ۾ قسم کڻڻ کان پوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو  پاڪستان جي پرڏيهي وزير  طور قسم کڻڻ کان پوءِ پرڏيهي وزارت ۾ پهچي ذميواريون سنڀالي ورتيون. پرڏيهي وزارت ۾ پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ ٻين آفيسرن بلاول ڀٽو زرداري کي کيڪاريو، ان کان پوءِ هن پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنهن کان پوءِ  بلاول ڀٽو  چين جي سفارتخاني ۾ ويو، جتي هن  ڪراچيءَ ۾ ٽن چيني شهرين جي قتل واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو نسل در نسل وفائن جو هڪ سلسلو آهي، دهشتگردن پاڪ چين دوستي  کي ڇيهو رسائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا، پاڪ چين دوستي کي ختم نٿا ڪرائي سگهن. هوڏانهن  پرڏيهي وزير طور قسم کڻڻ تي کيس آصف علي زرداري،  صدر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف، آصفه ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو  ۽ پارٽي جي اڳواڻن مبارڪون ڏنيون بختاور ڀٽو   ٽويٽر تي پوسٽ ۾ بلاول ڀٽو کي ٽيگ ڪندي لکيو آهي ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو کي پرڏيهي وزير طور حلف کڻڻ تي کوڙ ساريون مبارڪون هجن. هن چيو ته گڏيل حڪومت ۾ پرڏيهي وزير طور حلف کنيو، ان کان وڌيڪ فخر جوڳي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو پارليامينٽ ۾ اڳ ۾ ئي مقبول ۽ پنهنجي جمهوري قدرن تي قائم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو