92

دهشتگردن جو نشانو پاڪ-چين دوستي ۽ سي پيڪ آهي، سنڌ حڪومت سان گڏجي دهشتگردن کي ختم ڪنداسين:وفاقي سرڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار ۽ سنڌ  حڪوت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ڪردار جلد قانون جي پڪڙ ۾ اچي ويندا، چيني شهرين جي مارجڻ واري واقعي تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، چيني اختياريون جيڪا به سيڪيورٽي گهرنديون سا ڏني ويندي، دهشتگردن جو نشانو پاڪ چين دوستي ۽ سي پيڪ آهي، جيڪو پاڪستان جي ترقي جو اهڃاڻ آهي، ٻاهريون قوتون نه ٿيون چاهين ته پاڪستان مستحڪم رهي.  ڪراچي ۾ چيني ڪونسل  خاني جي عملدارن  ۽ متاثر خاندان سان ملاقاتن کان پوءِ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن کان اڳ ايئن نه ٿيو جو ڪنهن عورت آپگهاتي حملو ڪيو هجي ان تي افسوس آهي، چين اسان جو دوست ملڪ آهي، چينين سان اهڙي واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي. چيني شهرين کي جيڪا سيڪيورٽي گهربل هوندي سا ڏني ويندي، هن چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندي، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ صوبائي ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ ويجھا لاڳاپا ضروري آهن، هر معاملي تي وفاقي سرڪار پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته جيڪي ناراض آهن ۽ سمجهن ٿا حق نه ٿا ملن، جيڪي صوبي جي ترقي چاهين ٿا اهي اسان سان گڏ آهن، اهي اهڙي قسم جي واقعن ۾ملوث نه آهن، پر جيڪي غلط قدم کڻن پيا انهن کي ختم ڪنداسين. ٻاهريون قوتون نه ٿيون چاهين ته پاڪستان مستحڪم رهي، وزير اعظم عمري تي وڃي رهيو آهي واپس ٿيندو ته گڏيل اجلاس ڪيو ويندو، جنهن ۾ پاليسي جوڙي ويندي ۽ ڪو نه ڪو دڳ ڪڍيو ويندو.هن چيو ته سنڌ حڪومت هن معاملي جي جاچ لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو آهي، اميد آهي ته جلد هن نيٽ ورڪ کي پڪڙيو ويندو، آئي جي پوليس جي بريفنگ به حوصلو ڏيندڙ هئي، چينين کي ڀرپور سيڪيورٽي ڏني ويندي، سنڌ حڪومت کي وفاق جي جيڪا مدد کپندي سان ڏينداسين. اميد ته اڳتي اهڙا واقعا نه ٿيندا، باقي سنڌ حڪومت سان گذريل حڪومت جي روين جو احساس آهي، اسان امن امان لاءِ ڀرپور ساٿ ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي معيشيت کي تباھ ڪري ڇڏيو، پنجاب ۾ ضلعي آفيسر پيسن تي مقرر ٿيندا هئا، عمران خان جون ڳالهيون شوشن کان سواءِ ڪجهه به نه آهن، هن اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج لاءِ قوم کي سڏ ڏنو پر پوري ملڪ ۾ صرف 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن احتجاج ڪيو، حڪومت جي اتحادين جا نالا اي سي ايل مان نه نڪرڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته آصف علي زرداري سان گڏ منهنجو نالو به اي سي ايل مان اڃان نه نڪتو آهي، اي سي ايل ۾ جيڪي نالا وڌا  ويا آهن، اهي نالا ڪڍڻ جو فيصلو ڪابينا ڪندي. اسان ٻنهي جا نالا گڏ ئي نڪرندا.  هن چيو ته عمران خان جي ڪوڙ جو علاج ايندڙ چونڊن ۾عوام سوال ڪري ڪندو، ڇاڪاڻ ته هن گورننس ۽ معشيت تباهه ڪئي، سندس گوڙ ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، عمران خان احتجاج لاءِ ڀلي اسلام آباد اچي سندس استقبال ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بندوبست به ڪندس. ن کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ٿيل واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. ڪراچي واقعي کان پوءِ وزيراعظم فون ڪئي ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي، هاڻي گهرو وزير آيو آهي سندس ٿورائتو آهيان، باقي عمران خان سان ٽي سالن ۾ صرف هڪ ڀيرو فون تي رابطو ٿيو هو اهو به ڇڪتاڻ وارو هو، هن چيو ته  ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله ڪراچي پهتو، چيني ڪونسليٽ پهچي چيني ڪونسل جنرل سان ملاقات ڪري چيني شهرين جي مارجڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو. وفاقي گهرو وزير چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جي خاطري به ڪرائي. جنهن کان پوءِ  هن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏجي هڪ ڏينهن اڳ حملي ۾ مارجي ويل ڊرائيور خالد نواز جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي، وڏي وزير فوتي جي پگهار جاري رکرائڻ، سندس ٻارن جي تعليم جو سمورو خرچ ڀرڻ  ۽ 10 لک روپيا امداد طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله وزيراعظم طرفان ڊرائيور جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا امداد جو اعلان ڪيو، وارثن کي حڪومت طرفان ڀرپور مدد جي خاطري ڪرائي وئي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو