124

ڪراچي ۾ حملو ڪندڙ عورت جي ٻي عورت سهولتڪاري ڪئي، ڇاپا، رڪشا ڊرائيور ۽ شڪي سهولتڪار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ عورت جي ٻي عورت سهولتڪاري ڪئي، ڇاپا، عورت کي کڻي ايندڙ رڪشا ڊرائيور ۽ ڪجهه شڪي سهولتڪار گرفتار. رپورٽ موجب ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ عورت جي شاري بلوچ جي هڪ وڌيڪ وڊيو ظاهر ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آپگهاتي حملو ڪندڙ عورت هڪ ٻي عورت کان بيگ ورتو، حملو ڪندڙ عورت رڪشي مان لهي ٿورو پري بيهي ٿي، اڇي اسڪارف ۾ موجود عورت ساڻس وٽ وڃي ڳالهائي ٿي، پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، گلستان جوهر، موسميات ۽ اسڪيم 33 ۾ ڇاپا هڻي شڪي سهولتڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو. ٻئي طرف هڪ هوٽل مان پڻ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سي ٽي ڊي پوليس پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي جي جوابدارن خلاف مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڌماڪي جي اعليٰ سطحي جاچ جاري آهي، يونيورسٽي جي ايڇ اي جي فارنزڪ ليبارٽري کي ڌماڪي ۾ مارجي ويل 4 ڄڻن جا ڊي اين اي نمونا ملي ويا آهن. اسپتال ذريعن موجب چئني ڄڻن جا لاش سڃاڻپ جوڳا ناهن، پاڪستاني ڊرائيور جي گهرڀاتين جي ڊي اين اي پڻ حاصل ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن جاچ دوران پتو پيو آهي ته آپگهاتي حملو ڪندڙ 30 ورهين جي شاري بلوچ عرف برمش بلوچستان جي شهر تربت جي علائقي نظرآباد جي رهواسڻ هئي، جيڪا سرڪاري ماسترياڻي هئي، سندس مڙس هيبتان بشير ڊاڪٽر آهي، شاري بلوچ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي، ڌيءُ جو نالو روش ۽ پٽ جو نالو ميرحسن آهي. ٻئي طرف چيني پرڏيهي وزارت آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته چيني شهرين جو خون ضايع ٿيڻ نه گهرجي، چين ان وڏي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، ڪاوڙ جو پڻ اظهار ڪري ٿو، حملو ڪندڙن کي انهن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، چيني سفارتخاني به پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي موجودگي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو